Friday , April 19 2024

ڇاڇرو ۾ باهه لڳڻ سبب 22 گهر سڙي ويا، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

اطلاع باوجود فائربرگيڊ نه پهتي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي 22 گهر سڙي ويا: ڳوٺاڻا

ڇاڇرو رپورٽر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ تڙدوس ۾ باهه 22 گهرن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل، پورهيتن جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود فائربرگيڊ نه پهتي، پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي، هيل تائين ڪنهن به سندن سار ناهي لڌي. ڳوٺ تڙدوس ۾ گهر جي چُلهه مان چڻنگ اٿڻ جي نتيجي ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ گهر کي باهه لڳي وئي، فائربرگيڊ نه پهچڻ ڪري باهه وڌيڪ گهرن کي وڪوڙي وئي، جنهن  جي نتيجي ۾ محب سميجو، سراج الدين، ڌڻي بخش، مير محمد، شڪردين، قاضي، هاشم،محمد، جادم محب سميجو سميت 22 ڳوٺاڻن جا گهر سڙي رک ٿي ويا. باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ پورهيتن جي گهرن ۾ رکيل اناج، نياڻين جو ڏاج، کٽون بسترا ۽ عام واهپي جي شين سميت سڀڀ ڪجهه سڙي ويو. متاثرن ڳوٺڻن جو چوڻ آهي ته، باهه لڳڻ بعد فائر برگيڊ کي اطلاع ڪيو پر اها نه پهتي ۽ باهه ويڙهي کي ئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. هنن چيو ته اسان پنهنجا سِر بچائي سگهياسين باقي سمورو الهه تلهه سڙي ويو، ڪو به چونڊيل نمائندو يا انتظاميا سندن سار لهڻ لاءِ تيار ناهي. هن وقت معصوم ٻارن ٻچن سميت سخت گرمي ۾ بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *