Tuesday , April 16 2024

چونڊ فارمن جي جاچ پڙتال، پهرين مرحلي ۾ اڪثر اميدوارن جا فارم شڪي بڻجي ويا

ڪراچي/اسلام آباد( خاص نمائندو/رپورٽر  سنڌسماءَچار) 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذ/فارمز وارو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نامزدگي فارمز جي ڇنڊڇاڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ساڍا ست هزار کان وڌيڪ فارمز ۾ ڏنل معلومات شڪي ظاهر ٿي وئي آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جو اسڪروٽني سيل جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪري رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وارو عمل مڪمل ٿيڻ شرط ئي نامزدگي فارمن / ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جو اسڪروٽني سيل جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪري رهيو آهي. ترجمان موجب 12 هزار اميداورن جا ڪاغذ نيب، ايف آءِ اي ۽ اسٽيٽ بينڪ موڪليا ويا آهن جنهن جي جواب ۾ هن وقت تائين ساڍا 7 هزار اميدوارن جا ڪاغذ آن لائن اسڪروٽني سان چيڪ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب ساڍن ستن هزارن کان وڌيڪ نامزدگي ڪاغذن ۾ اميدوارن پاران ڏنل معلومات شڪي بڻ جي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اميدوارن جو سمورو رڪارڊ سموري ملڪ جي ريٽرنگ آفيسرز ڏانهن تيزي سان پهچايو پيو وڃي ته  جيئن آر اوز 12 کان 19 جون تائين اسڪروٽني پريڊ دوران اهو رڪارڊ پنهنجي عمل هيٺ آڻي سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *