Friday , March 29 2024

ڄام خان شورو جي گرفتاري جا وارنٽس جاري، نيب پاران گرفتاري جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) نيب سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزي ۽ پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو جي گرفتاري جا وارنٽس جاري ڪندي سمورن ايئرپورٽس ۽ اميگريشن اختيارين کي خط لکي چيو آهي ته کيس پرڏيهه وڃڻ نه ڏنو وڃي، ڄام خان شورو کي نيب ٽيم سنڌ اسيمبلي ويجهو گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هُو گاڏي ڀڄائي نڪري ويو، ڄام خان جي عارضي ضمانت اڄ ختم ٿي رهي آهي، ڪنهن به وقت گرفتاري ڪيو ويندو. ڪرپشن جي مختلف ڪيسن کي منهن ڏيندڙ مڪاني ادارن جي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گرفتاري جا وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن. نيب جي هڪ ٽيم ڄام خان شورو کي اڄ ان وقت گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ واپس وڃي رهيو هو، ته نيب جي ٽيم کيس ڪورٽ روڊ تي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ڄام خان شورو جو ڊرائيور گاڏي ڊوڙائي نڪري ويو ۽ ڄام خان شورو کي گرفتار ٿيڻ کان بچائي ورتو. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو صوبائي وزير ۽ ايم پي اي ڄام خان شورو اتان کان سڌو سي ايم هائوس پهچي ويو. www.sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ مطابق ڄام خان شورو سي ايم هائوس ۾ ترسيل آهي، جتان خميس ڏينهن صبح جو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عارضي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي لاءِ عدالت آڏو پيش ٿيڻ لاءِ پهچندو. ڄام خان شورو جي گرفتاري لاءِ نيب سنڌ هاءِ ڪورٽ طرف ايندڙ ويندڙ رستن تي چوڪسي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ نائين مارچ تي ڄام خان شوري جي عارضي ضمانت ۾ 14 مارچ تائين يعني اڄ خميس ڏينهن تائين عارضي ضمانت ۾ واڌ ڪئي هئي. ڄام خان شورو جي گرفتاري کان بچي وڃڻ کانپوءِ نيب اختيارين باقائده سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. نيب پاران ملڪ جي سمورن ايئرپورٽس ۽ اتي موجود اميگريشن اختيارين کي به خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته نيب پاران ڄام خان شورو جي گرفتاري جا وارنٽس جاري ڪيا ويا آهن کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *