Saturday , April 20 2024

ڀارتي ڳجهي ايجنسي “ را ” جي گرفتر ڪيل دهشتگرد کي فوجي عدالت ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

hang 1yadv

ڀارت  جي ڳجهي ايجنسي “ را ” جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستان اندر دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرڻ ۽ ملڪي سالميت خلاف ڪم ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي فوجي عدالت موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪلڀوشن ياديو عدالت آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪيو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي فوجي عدالت کيس سزا ٻڌائي.

گذريل سال 3 مارچ 2016ع تي بلوچستان مان گرفتار ڪيل، ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

ڪلڀوشن ياديو خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هو، جنهن دوران مٿس پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪرائڻ ۽ دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جو الزام ثابت ٿيو.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ڪلڀوشن ياديو ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هو، عدالت ۾ ڪيس هلڻ دوران هن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب ڪل ڀوشن خلاف ڪيس جي ڪارروائي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1993ع جي سيڪشن 3 ۽ سيڪشن 59 تحت ڪئي وئي، ڪلڀوشن ياديو عدالت آڏو پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو به اعتراف ڪيو.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪلڀوشن ياديو جي سزا جي منظوري ڏني به ڏئي ڇڏي آهي.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ڪل ڀوشن ياديو ڀارتي نيوي جو حاضر سروس آفيسر هو، جيڪو پاڪستان ۾ حسين مبارڪ پٽيل جي نالي سان رهندو هو.

پڌرائي موجب ڪل ڀوشن ياديو کي عدالت ۾ ڪيس هلڻ دوران کيس بچاءُ لاءِ ليگل ٽيم به مهيا ڪئي وئي.

kalbhoshan 1raw

موت جي سزا تي يقين نه ٿو رکان، پاناما ڪيس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پ پ خلاف ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal zardari

ڪلڀوشن ياديو کي آيل سزا تي رد عمل ظاهر ڪندي پيپلز پارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  هو موت جي سزا تي يقين نه ٿو رکي، پاناما ڪيس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پ پ خلاف ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن کي مليل سزا تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته  هو موت جي سزا تي يقين نه ٿو رکي.

پ پ چيرمين چيوته پاناماڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي، پورو ملڪ ٽرائل تي آهي.

هن چيو ته  حڪومت  پاناما ڪيس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پ پ خلاف ڪارروائيون ڪري رهي آهي.

ڪلڀوشن کي سزا ملڪ جي قانون موجب ڏني وئي آهي، ملڪ کي غيرمحفوظ ڪرڻ وارن دشمنن سان رعايت نه ٿيندي: بچاءَ وارو وزير خواجا آصف

khuwaja asif 3

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارتي ڳجهي اداري را جي ايجنٽ ڪلڀوشن کي سزا ملڪ جي قانون موجب ڏني وئي آهي، ملڪ کي غيرمحفوظ ڪرڻ وارن دشمنن سان رعايت نٿي ڪري سگهجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪلڀوشن پاڪستان ۾ ڪاررواين جو اعتراف ڪيو هو، ان ڪري کيس ملڪي  قانون موجب ڏني وئي.

وفاقي وزير چيو ته اهڙين ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ کين  سختي سان منهن ڏنو وڏيندو.

خواجا آصف چيو ته ڪلڀوشن کي مليل سزا اسان خلاف سازشون ڪندڙن لاءِ وارننگ آهي، جيڪڏهن ڀارت معاملو عالمي سطح تي کڻي ويو ته پاڪستان ڀرپور دفاع ڪندو.

وفاقي وزير چيوته ڀارتي حڪومت پاڪستان خلاف رياست دهشت گردي ڪري رهي آهي، جنهن ڪري ڀارت سان لاڳاپا خوشگوار ۽ آئيڊيل ناهن، پاڪستان کي اولهه واري سرحد وٽان به خطرا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *