Thursday , March 28 2024

ڀارتي پارليامينٽ ۾ ميمبرز کي سنڌي ۾ تقرير ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

ممبئي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي پارليامينٽ راجيا سڀا  ۾ سنڌي سميت پنجن زبانن کي پارلياماني زبان طور استعمال ڪرڻ ۽ ميمبرن کي مادري زبان ۾ بحث ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ڀارتي نائب صدر ۽ راجيا سڀا  جي چيئرمين ايم وينڪيا نائڊو  اعلان ڪندي چيو ته پارليامينٽ ۾ پهريان ئي 17 زبانن جي انٽرپريٽيشن سروس موجود هئي،هاڻ سنڌي ،ڊوگري،ڪشميري، ڪونڪني ۽ سنٿالي کي پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. هن چيو ته انٽرپريٽرز جي مدد سان سمورا ميمبر سنڌي سمجهي سگهندا، جڏهن ته سنڌي ميمبرن کي پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت هوندي. راجيا سڀا جي چيئرمين جي سنڌي کي پارلياماني زبان تسليم ڪرڻ تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سرهائي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڀاشا ۽ ڀاونا هڪ ئي ڳالهه آهي. چيئرمين چيو ته کيس يقين آهي ته سمورن ميمبرن کي پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهه چوڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ هو پنهنجو آفاقي ٻولي جو حق استعمال ڪري سگهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *