Saturday , April 20 2024

ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس بند پيل آهن، پيئڻ جو پاڻي به ناهي: اڳوڻو وڏو وزير ارباب رحيم

ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس بند پيل آهن، سنڌ ۾ ننڍن ڊيمن جو منصوبو به اسان شروع ڪيو هو: ارباب رحيم

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته، پيپلز پارٽي وارا ٿر ۾ جن آر او پلانٽس جي ڳالهه ڪري رهيا آهن اُهي سمورا بند پيل آهن. جي ڊي اي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب غلام رحيم چيو ته، ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي، روڊن جو ڄار ۽ سنڌ ۾ ننڍن ڊيمز جو منصوبو منهنجي وڏ وزارت وارن ڏينهن ۾ شروع ٿيو. پيپلز پارٽي ٿر سميت سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ منهنجي شروع ڪيل منصوبن تي پنهنجي نالن جون تختيون هڻي رهيا آهن. هن چيو ته ٿر ۾ جن آر او پلاٽنس جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو انهن جو منصوبو به اسان جي حڪومت دوران شروع ٿيو هو. سنڌ ۾ ننڍا ڊيمز قائم ڪرڻ جو منصبو مون شروع ڪيو هو ان وقت پيپلز پارٽي وارا انهن جي سخت مخالفت ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي ان جو ڪريڊٽ کڻي رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *