Friday , March 29 2024

ٿر جا ارباب ! ڇا ارباب غلام رحيم جو سياسي دور ختم ٿي ويو؟ – منير ساقي

Saqi Muneer

سنڌ جي سياست ۾ ڪئي ڏھاڪن کان سياسي جماعتون جي ڇپرڇانوکان ھٽي ڪري اثروسوخ رکندڙ خاندانن جي نئي نسل جي سياست ۾ انٽري فرشتن جي اشارن تي سياسي قلابازين واري خانداني سياست  کي چلينج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيوآھي. ورهاڱي کان اڳ واري پارليامينٽ جي سياست کان وٺي ٿر ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪندڙ ارباب خاندان جي ارباب لطف الله پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري پنهنجي سڳي چاچي ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي ايندڙ چونڊن ۾ ٽف ٽائم ڏيڻ جو پيغام پھچائي ڇڏيو آھي. ڊاڪٽرارباب غلام رحيم پڳدار ڀائٽي جو سياسي ڌڪ پچائڻ لاء مضبوط سياسي آکيرو تلاش ڪرڻ شروع ڇڏيو  آھي. اطلاعن مطابق ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراه پيرپڳاري سان رابطو ڪري ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ مستقبل ۾  نئين سياسي صف بندي جي حوالي سان تفيصلي ڳالهه ٻولھ ڪئي آھي.

ٿر جي سياست تي ڪرڙي نظر رکندڙ سياسي پنڊتن ارباب لطف الله جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت کي ارباب غلام رحيم لاء وڏو سياسي ڌچڪو قرار ڏئي رھيا آهن ۽ ان ڳالھ جو به امڪان ظاھر ڪن پياته ايندڙ چونڊن ۾ پي ايس 60 تي چاچي ڀائٽي وچ ۾ سياسي دنگل ٿيندو. ارباب خاندان ۾ پيداٿيل سياسي ويڇن بابت منهنجي ذاتي راء آھي ته اھو معاملو صرف انھن تائين محدود نه رھندو انجااثر نوشھروفيرز جي جتوئين، ٺٽي جي شيرازين ۽ شڪارپور جي مھر خاندان ۾ سياسي ڏار پوڻ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.

arbab rahim 1arbab lutufullah

نيشنل پيپلزپارٽي جي  محلن مان ڪافي عرصي کان اھي سرگوشيون ٻڌڻ ۾ پي آيون ته ايم پي اي غلام رسول خان جتوئي سميت وفاقي وزير مرتضي خان  جتوئي جا ٻه ڀائر پيپلزپارٽي ۾ شموليت جي لاء سوچي رھيان آھن. سندن سوٽ غلام رسول جتوئي سنڌ جي نئين وڏي وزير جي چونڊ دوران  پارٽي پاليسي کان ھٽي ڪري سيد مراد علي شاه کي ووٽ ڏئي پنهنجي راء جو اظھار ڪري چڪوآھي.

ساڳئي نموني ٺٽي جي شيرازين جي رڌڻي ۾ به رولوآھي، انھن وٽ ٻه واضع رايا گردش ڪري رھيان آهن ھڪڙن جو خيال آهي ته مسلم ليگ ن سان نڪاح ختم ڪري تحريڪ انصاف سان نئون رشتو جوڙيو وڃي، ٻئي ڌر جو پيپلزپارٽي طرف جھڪاآھي۔امير حيدرشاه شيرازي پنھنجن سان بي وفائي ڪندي وڏي وزير جي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي اميدوار کي ووٽ ڏنوھو۔شڪارپورجامهر به ڪافي ڏينھن کان مسلم ليگ فنڪشنل کي خيرآباد ڪرڻ لاء سوچن پياپر اتي به والد پيپلزپارٽي ۽ انجوفرزند تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ چاھي ٿو۔جڏھن ته بلدياتي اليڪشن جي آخري مرحلي  ۾ مھر ڀائرن پيپلزپارٽي سان اتحاد ڪري مستقبل جي راه ھموار ڪئي ھئي ۔شڪارپور ۾ نيشنل پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ جتوئي به نوشھري فيروزجي جتوئي ڀائرن جي فيصلي جي اوسئيڙي ۾ آھن.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *