Thursday , April 25 2024

ٿرپارڪر جي ڪجهه علائقن ۾ سيڌو سامان من پسند ماڻهن حوالي

يوسيز چيئرمين امدادي سامان سرندي وارن ۽ پ پ اڳواڻن کي ڏئي رهيا آهن:ڳوٺاڻن جو الزام

ڏاهلي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ٿر جي مختلف يونين ڪائونسل ۾ سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون متازٿرن ۾ سيڌو مهيا ڪرڻ ۾ غريب ۽ بي پهچ ماڻهو نظر انداز، سياسي ڪوٽا تحت سيڌو مهيا ڪرڻ جون شڪايتون وڌي ويون. ڏاهلي تعلقي جي تعلقي جي 10 يونين ڪائونسلز ۾ سنڌ حڪومت پاران راشن يوسي چئيرمينز جي معرفت ورهائڻ واري عمل ۾ مستحقن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي، علائق واسين جو چوڻ آهي ته، يوسي کئنسر، ڏاهلي، پارڻو، قمڙهار، تڙاحمد، گل محمد، کيمي جو پار ۽ لپلو يوسي سميت مختلف  علائقن ۾ سيڌو سامان يونين ڪائونسلز جي چيئرمينن، ڪائونسلرز ۽ پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن جي حوالي ڪيو ويو جن اهو سامان پنهنجي ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيو. ضرورتمند ماڻهو ۽ ڏهاڙي تي پورهيو ڪندڙ لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهي. متاثر ڳوٺاڻن يار محمد راهمون، قربان ٿري، هوٿي بجير، جلال بجير، علي شير سميجو ۽ ٻين سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته يوسي چئيرمينز ۽ ضلعي انتظاميا ملي ڀڳت ڪري منپسند ۽ جيالن جون لسٽون ٺاهي مستحقن ۽ ضروتمندن جي منهن جو گرهه کسي وڏيرن ۽ ڀوتان جي گهرن تي راشن پهچايو ويو آھي، جنهنڪري ڏيهاڙي مزدوري ڪندڙن جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آھنڍ، ڳوٺاڻن وڏي وزير مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته سيڌو سامان منپسند ماڻهن ۽ سرندي وارن ۾ ورهائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مستحق ماڻهن کي سيڌو سامان مهيا ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *