Thursday , April 18 2024

پ پ جي سينئر اڳواڻ اعتزازاحسن وزيراعظم عمران خان کي مصيبت مان بچائي ورتو

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ اعتزاز احسن پي ٽي آءِ جي سربراهه ۽ وزيراعظم عمران خان کي وڏي مصيبت کان بچائي کيس سرخرو ڪرائي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾، وزيراعظم جي سمنڊپار پاڪستانين بابت خاص صلاحڪار ذولفي بخاري جي غيرملڪي شهريت ۽ صلاحڪار طور مقرري خلاف داخل آئيني درخواست رد ڪندي ذوالفقار حسين بخاري عرف ذولفي بخاري کي پنهنجو ڪم جارفي رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اعتزاز احسن ذولفي بخاري جي وڪيل طور پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار اعتزاز احسن کان سوال ڪيو ته، ڪير آهي ذولفي بخاري؟ ان جي اهليت ڇا آهي؟ ڪٿان آيو آهي هي؟ اوچتو مقرري ڪيئن ڪئي وئي، نئين پاڪستان ۾ جيد ماڻهن کي مقرر ڪرڻو هو، ذاتي پسند ناپسند جي بنياد تي مقرر ڪيل ماڻهن بابت عدالت جائزو وٺندي. جنهن تي ذولفي بخاري جي وڪيل اعتزاز احسن پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته، وزيراعظم جو خاص مددگار اُهو شخص مقرر ٿي سگهي ٿو، جنهن کي وزيراعظم جو اعتماد حاصل هجي، خاص مددگار جي اهليت تي ته سوال به نه ٿوم ڪري سگهجي.

جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي اعتزاز احسن کي مخاطب ٿيندي چيو ته، اوهان عدالت جي اختيارن کي چئلينج ڪري رهيا آهيو، هاڻي ئي ٻڌايون ٿا ته عدالتي دائرو ۽ اختيار ڇا ٿيندون آهي. ذولفي بخاري جي  وزيراعظم جي خاص مددگار طور مقرري کي چئلينج ڪندڙ درخواستگذارجي وڪيل ظفراقبال ڪلانوري موقف اختيار ڪيو ته، ذولفي بخاري غيرقانوني طور تي وزير جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي، ٻٽي شهريت هجڻ ڪري ذولفي بخاري ان عهدي جي اهل ئي نه آهي، عدالت جي سرڪاري آفيسرز جي ٻٽي شهريت واري ڪيس جو فيصلو به ذولفي بخاري تي لاڳو ٿئي ٿو. ان دليل تي جسٽس اعجازالاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته، سرڪاري ملازمن جي ٻٽي شهريت واري ڪيس جو فيصلو ذولفي بخاري تي لاڳو نه ٿو ٿئي.

چيف جسٽس چيو ته، اسان ان فيصلي ۾ ڪا به پابندي ناهي لڳائي؛ لڳي ٿو ته اوهان اُهو فيصلو غور سان پڙهيو ئي ناهي، اسان ته ان سلسلي ۾ پارليامينٽ کي تجويزون ڏنيون آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته،پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ڊيمز فنڊ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ چندو ڏنو آهي اسان انهن جو تمام گهڻو قدر ڪيون ٿا. چيف جسٽس چيو ته ذولفي بخاري جي مقرري واري معاملي ۾ رولز آف بزنس کي چئلينج ڪرڻ گهرجي ها. ان موقعي تي جسٽس اعجازالاحسن چيو ته، خاص مددگار جي مقرري وزيراعظم جو جو اختيار آهي، ذولفي بخاري آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي زد ۾ نه ٿو اچي. ان دوران ذولفي بخاري جي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته، ذولفي بخاري جي ڪوششن سان ئي برٽش ايئر ويز پاڪستان ۾ ٻيهر پنهنجون آپريشنل سرگرميون شروع ڪري رهي آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته برٽش ايئرويز کي پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ کان بهتر ٿئي ها ته، قومي ايئر لائنز پي آءِ اي کي فعال ڪري ان کي بهتر ڪيو وڃي ها. درخواستگذار جي وڪيل ظفرڪلانوري چيو ته، ذولفي بخاري ٻين ملڪن سان معاهدا ڪري رهيو آهي ۽ اهو ڪم خاص مددگار جو نه پر وزير جو آهي.جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته، خاص مددگار جي مقرري وزراعظم کي ڪرڻي آهي، حڪومت هلائڻ وزيراعظم جو ڪم آهي. اسان اوهان جي موقف تي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته، اسان کي اوهان جو اعتراض اسٽرائيڪ ڪري رهيو آهي، اسان اوهان جي درخواست تي ذولفي بخاري کي ڪڍي نه ٿا سگهون، پارليامينٽ کي تجويزون ڏئي سگهجن ٿيون. عدالت درخواستگذار جي آئيني درخواست رد ڪندي ذوالفقار حسين بخاري عرف ذولفي بخاري کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *