Saturday , April 20 2024

پ پ جو هڪ يوسي ناظم شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي گهرن ۾ ڪاهي پيو، پوليس اسپتال داخل ڪرائي ڇڏيس

سلام ڪوٽ ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ اسلام ڪوٽ جي يونين ڪائونسل ڪهڙي جو چيئرمين نشي ۾ ڌت ٿي غريب ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙي پيو. پوليس يو سي ناظم کي بيهوشي جي حالت ۾ سوگهو ڪري اسپتال داخل ڪري ڇڏيو آهي. سندس خلاف اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو. يونين ڪائونسل ڪهڙي جو پ پ چئيرمين وسايو سميجو نشي حالت ۾ ڌت ٿي هڪ غريب جي گهر ۾ گهڙي پيو. وسايو سميجو جي گهر ۾ گهڙي اچڻ تي گهر ڀاتين ۾ راڙو پئجي ويو. گهر ڀاتين ۽ پاڙي وارن پوليس کي اطلاع ڪيو. اطلاع تي پوليس پهچي وسايو سميجو کي سوگهو ڪري بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو.

اسپتال انتظاميه ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته وسايو سميجو کي داخل ڪري کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پوليس جواهو به چوڻ آهي ته وسايو جي اها عادت آهي ته هُو روزانو شراب پي رستن ۽ گهٽين تي رات جو دير تائين گهمندو رهندو آهي. ان کان اڳ هُو ڪيترائي ڀيرا ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙي چڪو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ گرفتار به ڪيو ويو آهي. پڇر هُو مسلسل پنهنجي ان عادت کان نه ٿو مڙي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هو نشئي چيئرمين مان اڙجي ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ميرپورخاص: شهيد بينظير ڀٽو سيڊ فارم ۾ بينظير رهائشي ڪالوني ٺاهڻ خلاف هارين جو احتاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ سيڊ فارم جي آباد زمين تي بينظير ڪالوني ٺاهڻ خلاف علائقي واسين …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *