Friday , March 29 2024

پ پ اڳواڻ اڳوڻو وفاقي وزير سينيٽر رحمان ملڪ لاڏاڻو ڪري ويو

شهيد بينظير ڀٽو جو چيف سيڪيورٽي آفيسر پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽر رحمان ملڪ اسلام آباد جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار)  پيپلزپارٽي جو سينئر اڳواڻ، اڳوڻو وفاقي وزير، سنڌ مان چونڊيل سينيٽر پنجاب واسي رحمان ملڪ لاڏاڻو ڪري ويو. اڳوڻو وفاقي گهرو وزير، آصف زرداري جو ويجهو ساٿي ۽ پ پ جو سينيٽر رحمان ملڪ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات جو اڍائي وڳين اسلام آباد جي نجي اسلام ۾ جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌ مان پيپلزپارٽي جي پليٽفارم تان چونڊيل سينيٽر پنجاب واسي عبدالرحمان / رحمان ملڪ جي ڪجهه هفتا اڳ طبيعت خراب ٿي پئي هئي، جنهن سبب کيس پهريان اسلام آباد جي پمز اسپتال ۽ بعد ۾ هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. نجي اسپتال ۾ علاج دوران رحمان ملڪ جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ خاص طور تي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف سبب کي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو هو. رحمان ملڪ کي گذريل ٽن ڏينهن کان وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو، پر هُو موت هٿان زندگي جي جنگ هارائي ويو.

رحمان ملڪ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين شهيد بينظير ڀٽو جو چيف سيڪيورٽي آفيسر هو، لياقت باغ ۾ ڌماڪي ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت جي وقت سندس چيف سيڪيورٽي آفيسر رحمان ملڪ، شهيد بينظير ڀٽو جي قافلي کي ڇڏي سڀني کان پهريان پنهنجي گاڏي تي زرداري هائوس / بلاول هائوس پهچي ويو هو.

رحمان ملڪ 2008 جي اليڪشن بعد پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت ۾ 2013 تائين گهرو وزير رهيو، جنهن بعد هُو مسلس ٻه ڀيرا پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ مان سينيٽر چونڊيو ويو. پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ 12 ڊسمبر 1951 ۾ پنجاب جي ضلعي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *