Friday , March 29 2024

پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر ستار راڄپر نيب جي وڪڙ ۾

Sattar Rajper 02

پاڪستان پيپلز پارٽي جو نوشهرو فيروز مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري الزام هيٺ نيب جي وڪڙ ۾ ڦاسي پيو آهي. ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر خلاف نيب جاچ ڪري رهي آهي ۽ پاڻ حفاظتي ضمانت تي هجڻ ڪري گرفتاري کان بچيل آهي.

ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر خلاف نيب پاران سندس آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري مامري جي تفصيلي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن بعد هاءِ ڪورٽ ستار راڄپر جي حفاظتي/عارضي ضمانت ۾ واڌ ڪئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر پاران داخل ڪيل ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ نيب جو پراسيڪيوٽر لاڳاپيل عملدارن سان گڏ پيش ٿيو.

نيب پاران داخل جواب ۾ چيو ويو ته ستار راڄپر آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا، جن ۾ زرعي زمين ۽ ٻيون ملڪيتون شامل آهن، جنهن جي جاچ هلندڙ آهي.

عدالت ايم پي اي ستار راڄپر جي حفاظتي ضمانت ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 سيپٽر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *