Thursday , March 28 2024

پڇ تي لت ۽ پيپلز پارٽي کي ياد اچي ويل سنڌ جا سُور…!! عبدالقيوم ٻاٽ

qayoomعبدالقيوم ٻاٽ

پڇ تي لت ۽ پيپلز پارٽي کي ياد اچي ويل سنڌ جا سُور…!! عبدالقيوم ٻاٽ

 سردار آصف زرداري جي ٽن ساٿين جي کنڀجڻ بعد پيپلزپارٽي کي به ياد اچي ويو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سنگين ٿي وئي آهي، فصل سڪي رهيا آهن، ووئنڻن جو فصل وقت تي نه ٿي سگهندو،سنڌ جي زرداري سرڪار کي اهو به ياد اچي ويو آهي ته وفاقي سرڪار صوبي کي اين ايف سيءَ ۾ طئي ٿيل حصو به نه ڏئي رهي آهي ۽ ڪي فور رٿا ۾ حصي جا پيسا به روڪي ڇڏيا اٿس، پيپلزپارٽي وزيرن کي ياد اچي ويو آهي ته ڪراچي حيدر آباد رستو موٽر وي نه پر ايڪسپريس وي آهي ۽ نوازشريف سنڌ ۾ ڪو به موٽر وي نه ٺاهي رهي آهي، پيپلزپارٽي سرڪار کي ياد اچي ويو آهي ته وفاق سنڌ سان گيس منصوبن ۾ زيادتي ڪري رهيو آهي ۽ رڳو اسڪيمون پنجاب کي ڏنيون پيون وڃن، پيپلزپارٽي وارن جون آصف زرداري جي ٽن ماڻهن جي کنڀجڻ بعد ائين لڳي رهيو آهي ته جيئن ڪو جانور پڇ تي لت اچڻ بعد ٽپا ڏيڻ شروع ڪندو آهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ جي ڪندو آهي پر ڪري ڪجهه ناهي سگهندو ڇاڪاڻ ته اهو ڪلي سان ٻڌل هوندو آهي، باالڪل اهڙي طرح پيپلزپارٽي وارا به عوام کان پري آهن ۽ رڳو سوديبازي ئي ڪري ڄاڻن سو سندن ڪوشش هوندي ته دانهون ڪري وڏن کي سوديبازيءَ تي آڻجي باقي تحريڪ هلائڻ هاڻي هنن جي وس جي ڳالهه نه آهي ڇاڪاڻ ته هيءُ عوامي ناهن رهيا ۽ عوام کان پري ٿيڻ جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو آهي اهو هر ماڻهو بهتر انداز ۾ سمجهي سگهي ٿو…

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *