Tuesday , April 23 2024

”پَٽَ سَٽ تي ٺاهيل حڪومت کي اسان نه ڊاهينداسين“: آصف زرداري

نيب چيئرمين کي پارليامينٽ آڏو پيش ٿيڻ گهرجي: اڳوڻو صدر آصف زرداري

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پارليامينٽيرينز کي نيب آڏو نه پر نيب چيئرمين کي پارليامينٽ آڏو حاضر ٿيڻ گهرجي، جي آءِ ٽي جوڙڻ قانون کان مٿانهون قدم آهي، ڪنهن به پارليامينٽيرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري پارلياماني ڪميٽي کي ڏيڻ گهرجي، قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته هاڻوڪي حڪومت کي ڪيرائڻ جي ضرورت ئي نه آهي، خبر نه آهي ته پـِنَ سـِنَ واري حڪومت ڪيترا ڏينهن هلندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ۽ ايوان کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي آصف زرداري چيو ته جي ڊي اي هجي يا پي ڊي اي سنڌ حڪومت تي ڪو به فرق نه ٿو پوي. هن چيو ته نيب چيئرمين کي پارليامينٽ آڏو پيش ٿيڻ گهرجي، مون نيب گهڻا ڀيرا ڏٺو آهي، جيڪڏهن سڀاڻي نيب اوهان کي گهرايو ته پوءِ ڇا ٿيندو. آصف زرداري جي آءِ ٽي مان بلاول جو نالو ڪڍڻ تي سپريم ڪورٽ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سنڌ جي زمين تباهه ٿي رهي آهي . هن چيو فوجي عدالتن بابت پارٽي چيئرمين پنهنجو موقف ڏئي چڪو آهي، ماضي ۾ فوجي عدالتن بابت وزير اعظم پاران رابطو ڪرڻ کانپوءِ مون ڪوششون ورتيون هيون. نواز شريف سان ملاقات بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته ان حوالي سان وقت آيو ته ڏسنداسين. نواز شريف پاران ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته ماضي ۾ اسان به ته انڪار ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *