Saturday , April 20 2024

پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف سان ناڻي جي وزارت جي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن کان سواءِ معاهدو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪنهن به چونڊيل عوامي نمائندي، ناڻي، ايف بي آر سميت ڪنهن به لاڳاپيل اداري جي سرڪاري عملدارن جي شموليت کانسواءِ انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ / آءِ ايم ايف سان بيل آئوٽ معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آءِ ايم ايف جي بورڊ آف گورنز معاهدي جو جائزو وٺڻ بعد منظوري ڏئي عملدار آمد ڪندو، حفيظ شيخ چيو آهي ته، 3 سالن دوران آءِ ايم ايف کي 6 ارب ڊالرز، ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين ڊولپمينٽ کان به 2 کان 3  ارب ڊالرز ملندا.وزيراعظم عمران خان جي ناڻي واري وزارت بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سرڪاري ٽي وي جي پروگرام ۾ آءِ ايم ايف سان بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري جو اعلان ڪندي چيو ته ڳالهين سان هلندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، ان جي حتمي منظوري وزيراعظم عمران خان ڏيندو ۽ آءِ ايم ايف پاران ان جو بورڊ آف گورنرز منظوري ڏيندو، جنهن کانپوءِ ڪيل معاهدي تي عملدارآمد شروع ٿي ويندو. ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته معاهدي جي حتمي منظوري بعد، عالمي مالياتي ادارو پاڪستان کي 39 مهينن دوران 6 ارب ڊالرز جي رقم جاري ڪندو. آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي کي اسٽاف ايگريمينٽ چيو ويندو آهي، جنهن مطابق انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ جي فل بورڊ/بورڊ آف گورنرز ان جي منظوري ڏيندو آهي، جيڪو لازمي آهي.

ناڻي واري صلاحڪار چيو ته آءِ ايم ايف عالمي ادارو آهي، جنهن جو ڪم رڪن ملڪن جي مدد ڪرڻ آهي، گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستاني معاشي صورتحال سٺي ناهي رهي، جڏهن هيءَ حڪومت آئي ته 25 هزار ارب رپين جو قرض پاڪستان وٺي چڪو هو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ٽن سالن دوران آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالر ملندا، عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان اضافي ٻه کان 3 ارب ڊالر ملندا. عبدالحفيظ شيخ چيو ته امير طبقي لاءِ سبسڊي ختم ڪرڻي پوندي ۽ ڪجهه شعبن ۾ قيمتون وڌائڻيون پونديون، 300 يونٽ کان گهٽ واهپيدارن لاءِ 216 ارب رپيا سبسڊي رکي ويندي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ 180 ارب رپيا رکيا ويندا. هن چيو ته آءِ ايم ايف حيثيت موجب خرچ ڪرڻ جو چئي ته اهو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ڪيترائي معاملا ملڪ ۾ درست طريقي سان اُڪلايا نه ويا ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ حيثيت کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويا. ناڻي بابت صلاحڪار موجب آءِ ايم ايف سان معاهدي کي سڌارن ۽ اسٽرڪچرل تبديلي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، پاڪستان کي پائيدار خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيون ٿا ته اسٽرڪچر تبديل ڪرڻو پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *