Wednesday , April 24 2024

پي ٽي آءِ جي قومي ٽيم ۾ تبديلي، 3مهينن اندر پنجاب ۽ ڪي پي جي ريجنل ٽيمز جو وارو

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) وفاقي ڪابينا ۾ اٿل پٿل کانپوءِ پي ٽي آءِ جي تبديلي سرڪار پنجاب ۽ ڪي پي جي صوبائي حڪومتن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪپتان پنهنجي قومي ٽيم ۾ تبديلي کان پوءِ ريجنل ٽيمز ۾ به وڏي پئماني تي تبديلين جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب جي گورنر ۽ وڏي وزير کي تبديل ڪري نئون سيٽ اپ آندو ويندو، ڪي پي جي صرف ڪابينا ۾ به ردوبدل جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي تبديلي بعد وزيراعظم عمران خان پنهنجي قومي ٽيم ۾ اوپنر سميت اهم رانديگرن جي تبديلين کان پوءِ قومي ٽيم جي مئنيجمينٽ پاران پنجاب ۽ ڪي پي جي ٽيم ۽ پنجاب جي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪييپر سميت کلاڙي به تبديلڪيا ويندا. www.sindhsamaachar.com جي خاص نمائندي رپورٽ مطابق اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق وزيراعظم عمران خان حڪومت کان ٻاهر ويٺل پنهنجي ساٿين جي صلاح سان وفاقي ڪابينا ۾ تبديلين کانپوءِ پنجاب ۽ ڪي پي جي صوبائي حڪومت ۾ به تبديلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو وفاقي ۽ صوبائي بجيٽس پيش ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، پنجاب ۾ تبديلي لاءِ پهرين مرحلي ۾ وڏي وزير عجثمان بوزدار کي تبديل ڪيو ويندو ۽ ان جي جاءِ تي تحريڪ انصاف جي ئي ايم پي اي کي وڏو وزير بڻايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته، عمران خان پنهنجي حڪومت ۽ پارٽي (پي ٽي آءِ) کان ٻاهر ويٺل دوستن ۽ ڌرين کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو آهي ته پنجاب جو ڪپتان پي ٽي آءِ کان ٻاهر جي شخص کي وڏو وزير نه بڻايو ويندو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جو اشارو پنجاب اسيمبلي جي چونڊيل ايم پي اي ۽ 9 مهينا گذرڻ باوجود حلف نه کڻندڙ چوڌري نثار ڏانهن آهي. www.sindhsamaachar.com جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، ڪپتان پنجاب ۾ عثمان بوزدار وانگر ڪو سرپرائيز به ڏئي سگهي ٿو پر ان جو دارو مدار وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۽ پارٽي کان ٻاهر ويٺل دوستن جي رضامندي شامل هجڻ ضروري آهي، جنهن جا امڪان اڌو- اڌ / ففٽي ففٽي آهن. پنجاب ۾ تبديلي آئي ته اها صرف وڏي وزير عثمان بوزدار کي هٽائڻ سان نه پر اها تبديلي پنجاب جي گورنر چوڌري سرور کي به گهر ڀيڙو ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *