Friday , March 29 2024

پي ٽي آءِ جي رڌڻي ۾ رولو آخر پيو ڪهڙي معاملي تي؟؟

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي رڌڻي ۾ رولو، ايمنسٽي اسڪيم ۽ دفاعي بجيٽ ۾ مرضي مطابق واڌ تان پيدا ٿيل اختلاف اسد عمر جي استعيفيٰ تي ٿڌو ٿي ويو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته اسد عمر جي استعيفيٰ طاقتور ڌرين جي خواهش تي کائنس ڏياري وئي آهي، سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق اسد عمر دفاعي بجيٽ ۾ وزيراعظم ۽ دفاع واري وزارت جي خواهش مطاق وڌائڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تان عمران خان ۽ اسد عمر وچ ۾ اختالف پيدا ٿي پيا هئا، اسد عمر واشنگٽن وڃڻ ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران استعيفيٰ ڏيڻ چاهي هئي، پر عمران خان ۽ اسد عمر جي گڏيل دوستن جي مداخلت تي معاملو ٽاريو ويو هو. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي وزارت تان استعيفيٰ واري معاملي بابت www.sindhsamaachar.com کي اندروني ڪهاڻي بابت اعتماد جوڳن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، وزيراعظم عمران خان پاران نئين ايمنسٽي اسڪيم ڏيڻ واري فيصلي ۽ دفاعي بجيٽ ۾ دفاع واري وزارت پاران تيار ڪيل بجيٽ جيئن جو پيش ڪرڻ سان اختلاف واريندي انهن فيصلن تي نظرثاني جو چيو هو.

ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق وزيراعظم عمران خان کي اسد عمر آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ واشنگٽن روانگي کان اڳ ئي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو هو، پر ٻنهي جي گڏيل دوستن معاملي کي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي ڪاميابي تائين نه وڌائڻ تي راضي ڪري ورتو هو. www.sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ مطابق واشنگٽن کان واپسي تي عمران خان ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ايمنسٽي اسڪيم فوري طور تي منظور ڪئي وڃي ۽ بجيٽ جي تياري به آخري مرحلي ۾ آهي، ان لاءِ دفاع واري وزارت جي بجيٽ ۾ سمورين تجويزن کي جيئن جو تيئن بجيٽ ۾ شامل ڪيو وڃي. ذريعن جي دعويٰ آهي ته، اسد عمر وزيراعظم کي انهن ٻنهي معاملن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ وزارت تان استعيفيٰ ڏڻ جو حتمي فيصلو کيس ٻڌائي ڇڏيو. www.sindhsamaachar.com جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته اسد عمر ڪجهه ڏينهن يا وري ايندڙ بجيٽ کانپوءِ ايم اين اي شپ تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق تحريڪ انصاف ۾ پارٽي، وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ۾ به وڏي پئماني تي اٿل پٿل ٿيندي، جيڪا عمران خان کان به سنڀالجي نه سگهندو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *