Saturday , April 20 2024

پي ٽي آءِ اڳواڻ سردار افتخار لنڊ، پنهنجي ڊرائيور کي ويهڪ ۾ مبينا طور لوهي راڊ وجهي انسانيت سوز تشدد

گهوٽڪي (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ ۽ لنڊ برادري جي سردار افتخار احمد لنڊ پنهنجي ڊرائيور تي تشدد ڪرڻ جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، ڊرائيور جي ويهڪ ۾ مبينا طور لوهي راڊ وجهي تشدد، ايس ايس پي نوٽيس وٺڻ کانسواءِ سردار خلاف اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، پورهيت جو چوڻ آهي ته ”افتخار لنڊ ويهڪ ۾ سريو ٽپائي ڇڏيو، مختلف عضون تي تشدد به ڪيو“. ميرپور ماٿيلو ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ ڪائونسل جي ميمبر ۽ گهوٽڪي ضلعي جي صدر سردار افتخار احمد خان لنڊ طاقت جي بدمستي ۾ پنهنجي ڊرائيور ميرپور ماٿيلو ۾ ڳوٺ علي آباد واسي ڊرائيور الهه رکيو لنڊ تي مبينا تشدد ڪرڻ جا سمورا انساني ۽ اخلاقي ليڪاري لتاڙي ڇڏيا.

سردار افتخار لنڊ پي ٽي آءِ گهوٽڪي ضلعي جو صدر

تشدد جو نشانو بڻيل پورهيت الهه رکيو لنڊ ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته، بااثر سردار افتخار لنڊ جو ڊرائيور آهي، گاڏي خراب ٿي پئي هئي، جنهن بعد بعد هن منشي شفيق لنڊ کي گاڏي ٺهرائي ڏيڻ جو چيو، الهه رکيو لنڊ ٻڌايو ته، منشسي کيس گارگند ۽ مارڪٽ ڪئي، بعد ۾ منشي سردار افتخار کي دانهن ڏني، هن ٻڌايو ته سردار افتخار لنڊ مونکي بنگلي تي گهرائي تشدد جو نشانو بڻائي ويهڪ واري جاءِ ۾ سريو وڌو. الهه رکيو لنڊ جي پٽ اسپتال ۾ ملاقاتين سان ڳالهائيندي چيو ته، سردار اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، اطلاع باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي عمل ۾ ناهي آندي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن ته خاموش ٿي وڃون، پوليس يا ميڊيا آڏو نه اچو نه ته اوهان کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *