Friday , March 29 2024

پي ايس 56 جي اميدوار سنيتا پرمار پي ايس پي جي ٽڪيٽ واپس ڪري ڇڏي

مٺي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) مٺي ۾ ميگهواڙ برادري سان تعلق رکندڙ پي ايس 56 تي سنيتا پرمار عوامي رد عمل بعد پي ايس پي جي ٽڪيٽ واپس ڪري آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنيتا پرمار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٿر واسين ۽ تڪ جي ماڻهن جي ناراضگي سبب پي ايس پي جي ٽڪيٽ واپس ڪئي آهي. هن چيو پي ايس پي ۾ بنا ڪنهن لالچ جي شموليت ڪئي هئي، پر تڪ جي ماڻهن جي ناراضگي جي ڪري فيصلو واپس ورتو.سنيتا پرمار وڌيڪ چيو ته اسلام ڪوٽ جي پي ايس 56 تي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي ڪاميابي ماڻي عوام جي خدمت ڪندس.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *