Friday , March 29 2024

پي آءِ اي جو جهاز ڪري تباهه، 98 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار، امدادي ڪارروايون جاري

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان ماڊل ڪالوني جي گهرن مٿان ڪري تباهه، جهاز ۾ سوار 10 ٻارڙن ۽ 28 عورتن سميت 98 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار، ڪيترا ئي گهر به تباهه، اڪثر عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا، علائقي واسين موجب تباهه ٿيل گهرن ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو به موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن، جهاز حادثي کان پوءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن، 35 کان وڌيڪ لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جن بابت انتظاميا تصديق ناهي ڪئي ته اُهي مسافر آهن يا علائقي واسي. جمعي ڏينهن لاهور کان ڪراچي ايندڙ  جهاز ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪرڻ کان ڪجهه پَل اڳ ۾ ايئرپورٽ ڀرسان قائم رهائشي علائقي ماڊل ڪالوني مٿان ڪري تباهه ٿي ويو. سول ايوي ايشن اٿارفٽي ۽ پي آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته، حادثي جي شڪار ٿيل جهاز ايئربس ۾ 90 مسافر ۽ 8 عملي جا ماڻهو سوار هئا.

سول ايوي ايشن فلائٽ آپريشن معطل ڪري ڇڏيو آهي، سي اي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ تباهه ٿيل جهاز ۾ عملي سوڌو 99 مسافر هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته اُڏام دوران جهاز جا ڦيٿا نه پئي کُليا، لينڊنگ کان ڪجهه دير اڳ ڪري تباهه ٿيو، جهاز جي ڪپتان کي گائيڊلائينز ملي رهيون هيون ته ڪنٽرول روم سان رابطو ڪاٽا ٿي ويو، پاڪ فوج جو چوڻ آهي ته ڪراچي جهاز تباهه: پاڪ فوج، رينجرز ۽ سول انتظاميا واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي. جهاز حادثي کانپوءِ ايڌي فائونڊيشن، پاڪ فوج، نيوي، پي آءِ اي جون امدادي ٽيمون مسافرن جا مڙهه ۽ جهاز ڪرڻ جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل گهرن مان فوتين ۽ زخمين کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آحن، جهاز ۾ سوار سمورا ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته متاثر گهرن جي ڀرپاسي ۾ وارن ماڻهن جو چوڻ آهي ته تباهه ٿيل گهرن ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا جيڪي حادثي جو شڪار بڻجي ويا آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *