Wednesday , May 31 2023
uren

پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي مان فلاحي پلاٽ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو بل منظور ڪرائي ورتو

ڪراچي ( رپورٽر     سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي مان فلاحي پلاٽ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بابت بل منظور ڪيو ويو آهي، بل مطابق ڪو به فلاحي پلاٽ ڪنهن به ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهبو. سنڌ اسيمبلي ۾ زرعي انڪم ٽيڪس ترميمي بلز ترميمي بلز اڪثريت سان منظور ڪيا ويا آهن. سنڌ اسيمبلي جو  اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن قانون واري وزير ضياءَ لنجار زرعي انڪم ٽيڪس ترميمي بل  ۽ فلاحي پلاٽ ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ بابت ترميمي بل پيش ڪيو، جن جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني وئي. متحده جي ميمبر سيد سردار احمد فلاحي پلاٽن بابت بل جي مخالفت ڪندي چيو ته، هي اهم معاملو آهي، انڪري بل منظور ڪرائڻ ۾ تڪڙ نه ڪئي وڃي. سردار احمد اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته، بل تي وڌيڪ غور ويچار ڪرڻ لاءِ ان کي قانون بابت سنڌ اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اماڻيو وڃي. حڪومتي ميمبرن اپوزيشن جي مخالفت باوجود ان کي منظور ڪرائي ورتو. اجلاس دوران قانون واري وزير پاڻي کوٽ جو اعتراف ڪندي چيو ته وفاق پاران حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي ۽ سندن ترجيج پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ملير ايڪسپريس وي منصوبو؛ سنڌ حڪومت، بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي کي ڌچڪو

Share this on WhatsApp ”ملير ايڪسپريس وي پروجيڪٽ ھاڻي اي ڊي بي جي مدد سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *