Friday , March 29 2024

پيپلز پارٽي(ش ڀ) جي ڪارڪن اسد عمراڻي جي شڪي مقابلي ۾ مارجڻ جي حقيقت

ذوالفقار جونيئر سان اسد عمراڻي جي هڪ تصوير(فائل)

ڪراچي(رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) پيپلز پارٽي شهيد ڀٽوجي ڪارن اسد عمراڻي جي شڪي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ جو اڇو چٺو ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، اکين ڏٺن شاهدن عدالت آڏو شاهدي ڏني آهي ته پوليس اسد عمراڻي کي گهران پڪڙي تشدد ڪندي پاڻ سان گڏ وٺي وئي هئي. ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ شڪي پوليس مقابلي جي مارجڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن  دوران واقعي جي اکين ڏٺي شاسهد بيان قلمبند ڪرايو، عدالت آڏو سراج نالي اکين ڏٺي شاهد بيان رڪاراڊ ڪرائيندي چيو ته، هُو ان علائقي جو چوڪيدار آهي جتي اسد عمراڻي رهندو هو. شاهد سراج بيان قللمبند ڪرائيندي چيو ته، هُو نماز تان واپس اچي رهيو هو ته، هن ڏٺو ته پوليس اهلڪار مقتول کي سندس گهران ٽن گاڏين ۾ مارڪٽ ڪندي کنڀي ويا. شاهد سراج عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن هو مقتول کي بچائڻ لاءِ ويو ته اهلڪارن کيس ڌمڪائي واپس روانو ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسد عمراڻي کي کنڀڻ دوران پوليس آفيسرز انسپيڪٽر شهزاد، انسپيڪٽر چوڌري اسلم، سب انسپيڪٽر وقاص انور شامل هئا. شاهد جو بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد عدالت شاهدن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *