Friday , April 19 2024

” پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي ڏسي شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو“: مهتاب اڪبر راشدي

مهتاب اڪبر راشدي کي سندس پٽ رافع راشدي کي هن وقت ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ” ايڊجيسٽ“ ڪيو ويندو، مهتاب اڪبر راشدي کي يا سندس مڙس اڪبر شاهه راشدي کي به ايندڙ عام اليڪشن کانپوءِ ” ايڊجيسٽ “ ڪيو ويندو.

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد     سنڌسماءَچار ) ” پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ان جي ڪارڪردگي ڏسي ڪيو آهي ڪا به ڊيل ناهي ڪئي، آصف علي زرداري جي قيادت ۾ سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا“، اهو چوڻ آهي، سنڌ حڪومت جي رٽائرڊ سيڪريٽري ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي جو.

فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي مڙس اڪبر شاهه راشدي خاندان سميت باضابطا طور تي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مهتاب اڪبر راشدي کي سندس پٽ رافع راشدي کي هن وقت ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ” ايڊجيسٽ“ ڪيو ويندو، مهتاب اڪبر راشدي کي يا سندس مڙس اڪبر شاهه راشدي کي به ايندڙ عام اليڪشن کانپوءِ ” ايڊجيسٽ “ ڪيو ويندو.

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ پ پ ايم پي فريال ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، امتياز شيخ سميت ٻين پ پ اڳواڻن مهتاب اڪبر راشدي جي گهر وڃي ملاقات ڪئي، ملاقات دوران اڪبر راشدي به موجود هو. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مهتاب اڪبر راشديءَ چيو ته، هُو ڪنهن به ڊيل تحت پ پ ۾ شامل ناهن ٿيا، تڪ جي ماڻهن جا اهنج دور ڪرڻ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي ڏسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. هن  چيو ته لاءِ پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيئي آهي ۽ ان عيوض ڪو به معاهدو يا شرط / ڊيل ناهي ڪئي. مهتاب اڪبر راشدي جو چوڻ هو ته عوام ۾ اها ئي سياسي پارٽي پنهنجو وجود برقرار رکي سگهي ٿي، جنهن جون پاڙون عوام ۾ هجن ۽ پ پ پ عوامي جماعت آهي. آصف زرداري جي قيادت ۾ سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان جي اچڻ يا وڃڻ سان فرق نٿو پوي، فنڪشنل ليگ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيڻ بابت اسان پير صاحب پاڳاري کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته راشدي خاندان جي پ پ ۾ شموليت سان فائدو پهچندو، ٻيا به کوڙ ماڻهو جلد پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندا، پنجاب مان به ڪافي ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. اسان سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي، ان ڪري چاهيون ٿا ته سڀئي سرگرم ۽ سٺا ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿين.

ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ پاران سنڌ حڪومت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *