Friday , April 19 2024

پيپلزپارٽي جو وفاقي حڪومت خلاف مارچ ڪراچي مان روانو، بلاول پاران اعلان جنگ

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران وفاقي حڪومت خلاف مارچ ڪراچي مان روانو، بلاول ڀٽو زرداري  جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان اسلام آباد روانو ٿيل مارچ پنهنجي پهرين منزل ٺٽي طرف روان دوان آهي. بلاول هائوس مان ٻه سئو کان وڌيڪ لگزري گاڏين ۽ ٻين ننڍين وڏين گاڏين ۾ نڪتل قافلو، بوٽ بيسن، ڪلفٽن، تين تلوار، عبدالله هارون روڊ، زينب مارڪيٽ، صدر ايمپريس مارڪيٽ کان ٿيندو مارچ جو قافلو قائداعظم جي مزار تي پهتو. مارچ جي قافلي ۾ بلاول ڀٽو سان گڏ، وڏو وزير مراد علي شاهه، قمر الزمان ڪائرا، سعيد غني غ نثار کهڙو سميت سنڌ ڪابينا جا ميمبر، پارٽي اڳواڻ شامل هئا.

مزار قائد تي موجود پ پ ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ وڏي انگ ۾ شريڪ ڪارڪنن بلاول ڀٽو زردارفي جو استقبال ڪيو. مزارقائد تي قافلي جي روانگي کان اڳ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته،  اسان جو لانگ مارچ حڻڪوم خلاف اعلان جنگ آهي، نالائق، سليڪٽيڊ حڪومت سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب کان ڪي پي تائين جي حقن تي ڌاڙو هنيو، سنڌ کي اين ايف سي جي مد ۾ آئيني حق کان محروم رکيو ويو آهي. اسانجو مارچ ڪراچي مان شروع ٿيو آهي اڃا ڪراچي جي حدن مان ئي ناهيون نڪتا ته اسلام آباد ۽ بني گالا ۾ هلچل مچي وئي آهي، جيئن جيئن مارچ اسلام آباد طرف ويجهو ٿيندو تيئن تيئن بني گالا جا بنياد لڏڻ شروع ٿي ويندا. بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته، پي ٽي آءِ ايم ايف حڪومت ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائي، بيروزگاري عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نااهل، نالائق ۽ ڪٺ پتلي حڪومت کي گهر وڃڻو ئي پوندو، ان کاسواءِ ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي جو ٻ يو ڪو به دڳ ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *