Wednesday , April 24 2024

پيپلزپارٽي – اسٽبلشمينٽ جي فرسٽ ڪاپي – اصغر آزاد

پيپلزپارٽي – اسٽبلشمينٽ جي فرسٽ ڪاپي – اصغر آزاد

پيپلزپارٽي؛ جمهوريت پسند ۽ سنڌ دوست ممڪن نه آهي، اهو مون ۽ مون جهڙن لکين سنڌين جو ويساهه پڪو ويساهه آهي

پيپلزپارٽي سنڌ جي نمائنده ۽ سنڌ دوست جماعت نه هئي، نه آهي ۽  نه رهندي، اهو بحث الاهي سارو ڊگهو آهي پر مختصر حال حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي اقتدار جي بُکي، اسٽبلشمينٽ جي ٽريو / فرسٽ ڪاپي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ سنڌ دوست ۽ جمهوريت پسند پارٽي نه هئي، نه آهي ۽ نه رهندي. ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ رئيس وڏي (آصف زرداري) توڙي هولو گرامي ليڊر (بلاول ڀٽو زرداري) سامهون پارٽي جي اندر (انٽرا پارٽي اليڪشن) نه پراپر جمهوري انداز ۾ ڪا اليڪشن ٿي آهي، نه ئي وري سي اِي سي اجلاسن کان عام اجلاسن ۾ ڪو اڳواڻ اختلاف راءِ رکي سندن فيصلن خلاف ڳالهائي سگندا آهن ڇو ته اختلاف راءِ رکڻ جو ان ۾ ڪو به رواج ناهي صرف ۽ صرف “اوڪي” جواب “يس سر” ۽ “ ڪو شڪ” جي ٽن لفظن تي ٻڌل هوندا آهن.

بينظير جي حال حياتي ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ چند ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن اختلاف واري ڳالهه ڪندا هئا ته اُهو سندن آخري ڏينهن هوندو هو، پارٽي اندر کين آئسوليٽ ڪري يا ته ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو يا وري پاڻ ئي مِٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ تي عمل ڪندا هئا.رئيس وڏي سان اختلاف ڪرڻ جي ڪنهن ۾ همٿ ڪونهي، جيڪڏهن ڪنهن ٻڙڪ ڪڍي ته پوءِ يا ته سندس زمينن ۽ ٻين ملڪيتن جو خير نه هوندو يا وري سندس سِر سلامت نه هوندو.

هي زرداري زده دانشگرد، ڳاڙهي ٻوڙ جا عادي ڇوٽُو اڳواڻ، هي ٽائون آفيسرن، ميونسپل آفيسرن جي ڪرپشن مان ملندڙ ٽُڪَر تي پلجندڙ “ سماجي اڳواڻ ” ٺهه پهه جواب ڏيندا آهن ته پ پ پ وفاق جي پارٽي آهي ڪا قومپرست جماعت ناهي، انهن کان جڏهن سوال ڪر ته هنن ڪڏهن پنجاب مان سنڌي سينيٽر چونڊرايو يا سکڻي ٽڪيٽ به ڏني آهي ته هي پ پ پ جي ٽُڪرن تي پلجندڙ هڪڙو ئي جواب ڏيندا آهن ته ، اوهان ته چريا آهيو، اوهان ته آهيو ئي پ پ جا ويري، اوهان کي سياست ڪو نه ٿي اچي…..هي رئيس جي رولو شراب جي بوتل تي ڪرندڙ دانشگرد، ٽرانسفر پوسٽنگ تي تڳندڙ وڏيرا، هي سنڌ جي جو ماس کائي هڏن کي چوسيندڙ پيپلزادن جو ٽولو ڪُڙم جو ويري ۽ ڀاڳين سان مليل چوڪيدار آهن، هنن مان ٽڪي جي اميد نه رکجو.

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *