Friday , April 19 2024

پير ڳوٺ جي ڪچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر قتل

پير ڳوٺ جي ڪچي ۾ 5 سال اڳ مارجي ويل ڏوهاري جي پلاند ۾ 2 سڳا ڀائر قتل

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڳاڙهي موري ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فائرنگ ڪندا آساني سان ڀڄي ويا، پوليس روايت قئم رکندي دير سان واقعي واري هنڌ پهتي. ڳاڙهي موري لڳ ڪچي واري علائقي ۾هٿياربندن ٻن سڳن ڀائرن احسان اُتيرو ۽ ٻوڙو اوتيرو ٻني تي ڪم ڪار لاءِ ويندي کنڀي کڻي ڪجهه پنڌ تي وڃي کين سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار ڪچي واري علائقي ۾ فصلن ۽ جهنگ واري پاسي ڀڄي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ  پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڀائرن جا لاش ڳاڙهي موري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته 5 سال اڳ هٿياربند ڌاڙيلن جو ساٿي مارجي ويو جنهن جو الزام مقتول ڀائرن جي پيءُ رمضان اتيرو تي هيو، پلان تحت ئي ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *