Wednesday , April 24 2024

پير پاڳارو، آغا سراج دراني ۽ فاروق ستار هڪ پيج تي اچي ويا

پير پاڳارو، آغا سراج دراني ۽ فاروق هڪ پيج تي اچي ويا، ڪراچي کي پاڪستان جو گادي وارو شهر بڻائڻ جي حمايت

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) متحد باني جي اڳوڻي وڪيل ۽ هاڻوڪي وفاقي وزير فروغ نسيم پاران ڪراچي لاءِ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ واري بيان کانپوءِ واري صورتحال وڌيڪ منجهائيندڙ ٿيندي پئي وڃي، مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن جا ڌارڌار موقف سامهون اچي رهيا آهن. جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته، فروغ نسيم جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، انڪري آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ بدران ڪراچي کي ماضي پاڪستان جي گادي وارو هنڌ بڻايو وڃي جيڪو ماضي به هئو. پير پاڳاري جي اهڙي بيان کان پوءِ پيپلزپارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار به هڪ ئي پيج تي اچي ويا آهن. نيب هٿان ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ٿيل آغا سراج دراني احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته، پاڪستان قائم ٿيڻ وقت ڪراچي ئي ملڪ جي گادي جو هنڌ هو، جنهن کي بعد ۾ ختم ڪري اسلام آباد کي ملڪ جي گادي وارو هنڌ بڻايو ويو، آغا سراج دراني چيو ته ڪراچي کي ٻيهر پاڪستان جي گادي جو هنڌ بڻايو وڃي، ان ۾ ڪو به حرج ناهي. ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ميئر ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري واري بيان جي مطابق ئي چيو آهي ته ڪراچي کي پاڪستان جو دارالحڪومت بڻايو وڃي، ان سان ڪراچي جا مسئلا ح ٿيندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *