Thursday , March 28 2024

پورٽ قاسم ۾ اينگرو پوليمرز ڪيميڪل انڊسٽريز ۾ باهه، 5 پورهيت سڙي فوت

پورٽ قاسم ۾ اينگرو پوليمرز ڪيميڪل انڊسٽريز ۾ گئس ليڪيج بعد  باهه لڳي وئي، 5 پورهيت سڙي فوت ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ب يهوش،30 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار ) پورٽ قاسم انڊسٽريز زون واري علائقي ۾ قائم اينگرو پوليمر اينڊ ڪيميڪل انڊسٽريز باهه لکڳڻ جي نتيجي ۾ 5 کان وڌيڪ پورهيت سڙي فوت ۽ ڏيڍ سسئو کان وڌيڪ پورهيت بيهوش ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اينگرو پوليمر اينڊ ڪيميڪل انڊسٽريز ۾ صبح جو اوچتو گئس ليڪيج ٿيڻ جي نتيجي ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 کان وڌيڪ پورهيت سڙي فوت ٿي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ سڙي زخمي ٿي  پيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس ليڪيج جي نتيجيي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ پورهيت بيهوش ٿي ويا، سڙي فوت ٿيل پورهيتن جا مڙهه ڪيترا ئي ڪلاڪ گذرڻ باوجود لڪايا پيا وڃن، بيهوش ۽ سڙي زخمي ٿيل پورهيتن کي به هڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي معاملي کي لڪايو ويو وڃي. اينگرو پوليمر جي ڪشتمر سروسز جي نمبنر تي راابطي ڪرڻ تي نمائندي ڪا به معلومات ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته کيس ڪا به معلومات مهيا ڪرڻ کان منع ٿيل آهي. اينگرو گروپ باهه واري واقعي ۽ پورهيتن جي سڙي فوت ٿهيڻ واري معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ مختلف ذريعا استعمال ڪري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *