Friday , March 29 2024

پنجاب پوليس جو ڪارنامو: جيل ۾ فوت ٿيل پروفيسر جي مڙهه کي به سنگهرون لڳل

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب پاران ڪرپشن جي الزامن هيٺ گرفتار ڪيل سرگوڌا يونيورسٽي جو پروفيسرساجد احمد ڪيمپ جيل ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جيل انتظاميا فوتي پروفيسر جي مڙهه کي سنگرن واري هٿ ڪڻي هڻي اسپتال منتقل ڪيو، سيينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي معاملي جو نوٽيس وٺي ورتو آهي. نيب سروڌا يونيورسٽي جون ڪئمپس کولڻ ۾ ڪرپشڻ ڪرڻ واري الزام هيٺ گرفتار يڪل پروفيسر ساجد احمد کي عدالت ۾ پيش ڪيو هو، احتساب عدالت ساجد احمد کي عدالتي رمانڊ (جوڊيشل رمانڊ) تي جيل موڪلي ڇڏيو هو. ساجد احمد جيل اندر لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن بابت جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته پروفيسر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جو مڙهه اسپتال ،منتقل ڪيو ۽ ان جي مڙهه کي قانون مطابق هٿ ڪڙيون هنيون ويون هيون. ان سلسلي ۾ نيب ترجمان جو چوڻ  آهي ته پروفيسر ساجد احمد کي 20 ڊسمبر تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو هو، عدالت کيس 2 جنوريءَ تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ هُو 20 هين جنوري کان جوڊيشل ڪسٽڊي هيٺ جيل ۾ هو، جتي فووت ٿيو آهي، پروفيسر جي لاش  کي هٿ ڪڙيون لڳائڻ ۾ نيب جو ڪو ڪردار نه آهي.

اهو سڄو عمل ٿيو آهي ته اُهو جيل انتظاميا ۽ جيل پوليس جي ذميوارين ۾ اچي ٿو. نيب جو اهو به چوڻ آهي ته ساڳئي ڪيس ۾ يونيورسٽي جا 5 ٻيا پروفيسرز به جوابدار آحن جن جو به ڪيس احتساب عدالت ۾ هلندڙ آهي. پروفيسر جاويد احمد جي جنيل ۾ فوت ٿيڻ ۽ لاش کي هنٿ ڪڙيون لڳل هجڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ ۽ ميڊيا تي خبرون نشر ٿيڻ کانپوءِ، سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين مصطفيٰ نواز کوکر نوٽيس ورتو آهي. ڪميٽي جي چيئرمين ڊي جي نيب، آءِ جي جيلز پنجاب کي نوٽيس جاري ڪندي کين ذاتي حيثيت ۾ ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *