Tuesday , April 16 2024

پشاور ۾ دهشتگردي، مسجد اندر ڪربلا برپا، 57 نمازي شهيد

پشاور ( مانٽيرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) پشاور هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي، دهشتگرد جمعي جي نماز دوران مسجد اندر آپگهاتي ڌماڪو ڪرڻ ۾ ڪامياب 57 نمازي شهيد ۽ 195 کان وڌيڪ خمي ٿي پيا، شهيدنن جا مڙهه ۽ زخمين کي مختلف سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. پشاور شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي قصا خواني بازار جي مسجد ۾ ٻن دهشتگردن آپگهاتي ڌماڪو ڪري سيڪيورٽي تي مقرر هڪ پوليس اهلڪار سميت 57 نمازين کي شهيد ڪري ڇڏيو، آپگهاتي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 195 کان وڌيڪ ماڻهن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. آپگهاتي حملي بعد مسجد اندر هر طرف لاش ۽ انساني جسمن جا ٽڪرا پکڙجي ويا، مسجد مان شهيد نمازين جي رت پاڻي جيان وهڻ لڳي ۽ هر پاسي بارود جي بوءِ پکڙيل رهي، ڌماڪي جي اطلاع بعد پوليس، ريسڪيو رضاڪار ۽قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا، پوليس مسجد ۽ قصا خواني بازار کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

ڪي پي پوليس موجب قصا خواني بازار جِي مسجد ۾ جمعي نماز دوران آپگهاتي بمبار داخل ٿي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، آپگهاتي بمبار مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين پوليس اهلڪارن ۽ نمازين تي فائرنگ به ڪئي. پوليس موجب دهشتگردن جي حملي وقت اُتي موجود ٻن ڇپوليس اهلڪارن آپگهاتي بمبارن کي شڪي سمجهي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻيو مرڻينگ ٿي پيو.

انتظاميا موجب، ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ 56 ۽ حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس اسپتال ۾ هڪ لاش موجود آهي جڏهن ته ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ 194 ۽ حيات آباد ميڊِيڪل ڪممپليڪس ۾ 2 زخمين جو علاج جاري آهي، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن مان ڪيترن ئي زخمي نمازين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به سامهون اچي ويا، فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ دهشتگرد پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪرڻ بعد ڊوڙندو مسجد اندر داخل ٿئي ٿو، جنهن بعد آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏي ٿو، جنه  بعد هر طرف لاش ۽ زخمي نظر اچي رهيا آهن.

وزيراعظم عمران خان ڌماڪي جي مذمت ڪندي آءِ جي ڪي پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو  ته ڌماڪو پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش آهي، پشاور  ڌماڪي بابت ڪي به ٿريٽ الرٽس جا نه  ٿيا هئا، پرڏيهي قوتون ملڪ جو امن تباهه ڪرڻ گهرن ٿيون.

ٻئي پاسي شيعا علماء ڪائونسل پاران 3 ڏينهن ملهائڻ ۽ آچر تي سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پشاور ڌماڪي خلاف شيعا تنظيمن پاران سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *