Wednesday , April 24 2024

پشاور سانحو، سنڌ حڪومت پاران متاثرن لاءِ20 ڪروڙ رپين جي امداد جو اعلان

پشاور (سنڌسماءَچار نيوز ) پشاور سانحو، نه وفاقي حڪومت ۽ نه ئي خيبرپختونخواه حڪومت صرف سنڌ حڪومت پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن ۽ زخمين کي لاءِ 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ مالي امدادي جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه پشاور جي دوري دوران ڌماڪي ۾ شهيدن جي وارثن لاءِ 10-10 لک رپيا ۽ زخمين جي مالي امداد لاءِ پنج پنج لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪري، اسپتال ۾ داخل پوليس لائينز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪري سندن طبيعت پڇي ۽ آٿت ڏني. وڏي وزير دپري جي موقعي ته آپگهاتي ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن لاءِ 10-10 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ 5-5 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو. پشاور سانحي ۾ 100 کان وڌيڪ نمازي شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. جن لاءِ سنڌ حڪومت مجموعي طور تي 20 ڪروڙ رپين کن وڌيڪ جي رقم امداد طور ادا ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *