Friday , April 19 2024

پرويز مشرف ڪيس جي فيصلي بعد مون سميت عدليا کي نشانو بڻايو پيو وڃي: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا

پرويز مشرف ڪيس جي فيصلي بعد مون سميت عدليا کي نشانو بڻايو پيو وڃي، منهنجي خلاف گندي ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، سچ اتم هو، آهي ۽ رهندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا

اسلام آباد(نيوز ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي اڄ رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس، جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا چيو آهي ته، خاص عدالت جي پرويز مشرف بابت ڪيس ۾ آيل فيصلي تي عدليا خاص طور تي منهنجي خلاف واويلا ڪري گندي ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾، چيف جسٽس جي رٽائر ٿيڻ واري  ڏينهن تي سندس مان ۾ ٿيل فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي، چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته، منهنجي مٿان الزام لڳايو ويو ته مان صحافين سان ملاقات ۾ پرويز مشرف خلاف فيصلي جي حمايت ڪئي. چيف جسٽس چيو ته سچ سامهون ايندو ۽ سچ جو مان مٿانهون هيو، آهي ۽ رهندو. منهنجي ۽ عدليه خلاف گندي مهم شروع ڪئي وئي آهي. بعد ۾ فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته عدالتي موڪلون ڪڍڻ بعد مان رڳو 235 ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان رهيو آهيان، منهنجي نظر ۾ هڪ جج کي بي خوف هئڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهو اوهان کي سمجهائيندا ۽ ڊيڄاريندا. هن چيو ته مان قانوني گهرجن سان گڏ بنا ڪنهن خوف جي فيصلا ڪيا. چيف جسٽس چيو ته منهنجي لاءِ اهو اهم ناهي ته ٻين جو ردعمل يا نتيجا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته منهنجي سوچ کي فهميده رياض جي نظم ۾ خوبصورتي سان سهيڙيو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته هڪ جج جي دل شينهن جيان ۽ عزم فولاد جيان هئڻ گهرجن.

سپريم ڪورٽ جي ڪورٽ روم نمبر هڪ ۾ ٿيندو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جا سمورا جج ۽ سينيئر وڪيل، پاڪستان بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمين، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن اج اڳواڻ پڻ موجود هوندا، فل ڪورٽ ريفرنس کي نامزد چيف جسٽس گلزار احمد، بار ايسوسيئيشن ۽ بار ڪائونسل جا نمائندا ۽ اٽارني جنرل خطاب ڪيو. چيف جسٽس آصف سعيد خان کوسا پنهنجي سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان ڪيترائي اهم فيصلا ڏنا ۽ ڪيترن ئي اهم فيصلا ڏيندڙ بينچ جو حصو رهيو، چيف جسٽس آصف سعيد خان کوسا 3 نومبر 2007ع جي ايمرجنسي خلاف پرويز مشرف جي نظرثاني جي درخواست رد ڪرڻ واري بينچ جو حصو هو، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف پاناما ڪيس، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي توهين عدالت جو فيصلو ٻڌايئندڙ بينچ جو پڻ حصو رهيو، چيف جسٽس آصف سعيد خان کوسا 21 آئيني ترميم ۽ فوجي عدالتن کي درست قرار ڏيڻ واري بينچ جو حصو رهيو، ممتاز قادري کي موت جي سزا ڏيڻ واري فيصلي خلاف اپيل ۽ آسيه بيبي ڪيس جو فيصلو ڏيندڙ بينچ جو پڻ حصو رهيو. رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آصف سعيد خان کوسا آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ جو سربراهه رهيو، ڪي پي ڪي ۾ حراستي مرڪزن واري سرڪاري اپيل ڪندڙ بينچ جو به حصو رهيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *