Thursday , April 25 2024

پرويز مشرف کي موت جي سزا، عدالت تي شڪ

اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي خاص عدالت جي فيصلي تي شڪ ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آمر پرويز مشرف خصوصي عدالت جي فيصلي تي شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. خاص عدالت پاران غداري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ موت جي سزا ڏيڻ واري فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي دبئي مان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته، جيڪي جج منهنجي دور ۾ فائدو کڻندا رهيا، اهي مون خلاف فيصلو ڪيئن ڏئي سگهن ٿا.مان خاص عدالتي فيصلي کي شڪي سمجهان ٿو، مون هميشه عدليا جو احترام ڪيو آهي پر غداري ڪيس ۾ منهنجو موقف ئي نه ٻڌيو ويو، منهنجي وڪيلن کي موقف پيش ڪرڻ جي به مهلت نه ڏني وئي. پرويز مشرف جو چوڻ آهي ته، مون جاچ ڪاميٽي آڏو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو چيو پر اها ڳالهه به قبول نه ڪئي وئي. هن چيو ته مون خاص عدالت جو فيصلو ٽي وي تي ٻڌو، جنهن ۾ قانون جي حڪمراني جو ڪو خاص خيال نه رکيو ويو، خاص عدالت جي فيصلي جهڙو اڳ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. پرويز مشرف چيو ته منهنجي غير موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو، وڪيل کي صفائي جو موقعو نه مليو،خاص عدالت جو فيصلو ٽي وي تي ٻڌو، قانوني ٽيم سان مشاورت بعد حڪمت عملي جوڙيندس. هن چيو ته چيف جسٽس قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪيس ۾ رڳو هڪ شخص کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، واقعن کي پنهنجي مرضي جو رنگ ڏيڻ مان ظاهر ٿيو ته هي ڇا ٿا چاهين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *