Friday , March 29 2024

پرويزمشرف واپس پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) مختلف ڪيسن ۾ جوابدار نامزيد ٿيل اڳوڻي صدر ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه پرويز مشرف، 2018 جي عامل چونڊن کان اڳ پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان واپس اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب هن چيو ته هو 2018 جي عام چونڊن کان اڳ ۾ واپس وطن ايندس ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ ايندڙ عام چونڊ ۾ ڀرپور حصو وٺندي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڪارڪنن سان ڳالهائيندي چيو ته نون ليگ هميشه سندس مخالفت ڪئي آهي آهي. هن چيو ته، هُو نه ڪنهن کان اڳ ڊنو آهي ۽ نه ئي وري هاڻي ڪنهن کان کيس ڪو ڀوءُ آهي. پرويز مشرف جو چوڻ هو ته، مان 2018 جي عام چونڊن کان اڳ ۾ لازمي وطن واپس ايندس. ۽ ملڪ ۽ پنهنجي عوام جي نيڪ نيتي سان خدمت ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عدليه جي صورتحال هاڻ خراب ٿي وئي آهي.  آئون ٽن سالن کان عدالتن ۾ پيش ناهيان ٿي رهيو پر مون کي انصاف ناهي مليو. هاڻ ٻيهر ڪيس کي منهن ڏيندس.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *