Wednesday , April 24 2024

پرامن ڌرڻي تي لٺ بازي، شيلنگ ۽ مظاهرين تي تشدد، سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج جو اعلان

ڄامشورو ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) بحرياٽائون جي والار ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف پرامن ڌرڻي مٿان حڪومتي تشدد خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي 9 جون تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي جو به اعلان. بحريا والار  ۽ سنڌ منصوبن خلاف ٿيل احتجاج دوران پيل آيل واقعي تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل سمورين پارٽين جو سربراهي هنگامي اجلاس جي ايم سيد منزل سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو ۾ ٿيو، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه ۽ سنڌ ايڪيشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زئور، عوامي تحريڪ جي ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، قومي عوامي تحريڪ جي ايڊووڪيٽ سجاد چانديو، سنڌ هاري ڪيمٽي جي ثمر حيدر جتوئي، مسرور شاهه، نور نبي راھوجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته اسان جي پرامن ڌرڻي کي هڪ سازش تحت پرتشدد بڻايو ويو، اسان تشدد جو اطلاع ملڻ شرط پوليس سميت لاڳاپيل اختيارين کي چيو ته انهن   وڳڪوڙين سان اسان جو ڪومبه تعلق ناهي انهن خلاف ڪارروائي ڪري وڌيڪ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي روڪيو وڃي پر ان تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي رهندو پوليس پرامن مظاهرين مٿان لاٺي چارج ڪيو، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا فائر ڪيا. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان جي گرفتار ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، هن چيو ته پرامن ڌرڻي تي لاٺي چارج ڪرڻ خلاف نائين جون تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ۽ هاڻي اسان جي ايندڙ منزل سنڌ اسيمبلي هوندي جتي ڌرڻو هڻنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *