Thursday , April 18 2024

ڏهرڪي مان پراسرار نموني گم ٿيل موهن لعل جو پراسرار موت

ڏھرڪي (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) خميس ڏينهن صبح جو پراسرار نموني گم ٿي ويل دوڪاندارن موهن لعل جو لاش رات دير سان واهه مان هٿ، پوليس جو چوڻ آهي ته دوڪاندار جي قتل يا آپگهات بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. ڏهرڪي مان دوڪان تي وڃڻ لاءِ گهران نڪتل دوڪاندار موهن لعل جيڪو رستي مان ئي پراسرار نموني گم ٿي ويو هو ان جو نارو ڪئينال مان لاش هٿ آيو آهي. رات ديرسان هٿ آيل لاش جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو هو، هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ دوڪاندار موهن لعل طور ڪئي وئي آهي. وارثن ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته، موهن لعل گذريل ڏينهن گهر کان دڪان تي ويندي گم ٿي ويو، وارثن پاران ڳولا کانپوءِ شام جو دير سان موهن لعل جي موٽر سائيڪل رهڙڪي ڀرسان نارو واهه جي ڪناري تان ملي هئي. وارثن موجب هنن شڪ جي بنياد تي وارثن ٽوٻا گهرائي ڳولا ڪئي، جنهن دوران رات دير سان لاش نارو واهه مان مليو. وارثن لڇو مل ٻڌايو ته صبح جو موهن لعل دڪان تي ويندي رستي مان گم ٿي ويو، خبر پوڻ تي ڳولا ڪئي ته موٽر سائيڪل ملي جنهن بعد لاش مليو آھي، ٿي سگهي ٿو هُن خودڪشي ڪئي هجي پر في الحال نه ٿا ٻڌائي سگهون.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *