Friday , April 19 2024

پاڻي کوٽ ختم نه ٿي، سکر، بدين سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

سکر/بدين/لاڙڪاڻو(رپورٽرز  سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ چوٽ چڙهيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بيٺل فصل سُڪي رهيا آهن ۽ نوان فصل پوکڻجي ناهن سگهيا، سارين جو بيٺل ٻيجارو سُڪي ۽ سڙي رهيو آهي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ سبب سندن معاشي قتل ٿي رهيو آهي پر ڪير به سندن سڏ ورنائڻ وارو ناهي. سکر  ۾ مختلف شاخن جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. لکي غلام شاهه جي آبادگارن حاجي خان شر، محمد صالح، عبدالرشيد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چيف انجنيئر گڊو بئراج جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته هو پاڻي ڦڙي لاءِ سڪي رهيا آهن، پاڻي نه هئڻ سبب سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن. هنن چيو ته آبپاشي عملو سندن حصي جو پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي کوٽ ختم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

ميرو خان ۾وارهه ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ جسقم ڪارڪنن  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. جسقم ڪارڪنن ۽ آبادگارن صوبدار جتوئي، لياقت تنيو، عبدالنبي چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  ميروخان – لاڙڪاڻو روڊ تي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته وارهه ڪئنال ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب ساريالي فصل جو ٻيجارو سڙي سُڪي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي وارهه ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. بدين ۾ آبادگارن پاران ميرو واهه شاخ  ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آبادگارن علي محمد، شبير احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين-حيدرآباد روڊ تي بس اسٽاپ وٽ احتجاج ڪري سخت نعري بازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته اڃا تائين ميرواهه شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري ساريالي فصل جي پوکائي ناهي ٿي  سگهي. هنن چيو ته شڪايتن باوجود آبپاشي عملدارن ڪو تحرڪ ناهي ورتو، جنهن ڪري سندن زمينون بنجر ٿي رهيو آهن. آبادگارن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته شاخن ۾ پاڻي فراهمي يقيني بڻائي سندن زمينن کي بنجر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *