Thursday , March 28 2024

پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي، ڊيمز پاڻي خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويو

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) ملڪي دريائن ۽ ڊئمز ۾ پاڻي جو سنگين بحران، تربيلا ڊئم ۾ پاڻي سطح ڊيڊ ليول تي پهچڻ بعد منگلا ڊئم ۾ به پاڻي سطح خطرناڪ حد تائين پهتل، ارسا پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مٿانهن علائقن ۾ برسات نه پوڻ جي صورت ۾ سنڌو درياءَ پاڻي جو سنگين بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، سکر ۽ گڊو بئراج وٽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي کوٽ چاليهه سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي. فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن طرفان تربيلا ڊئم ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو 1386 فُٽ ۽ منگلا ڊئم ۾ پاڻي ذخيرو 11 سئو 22 فُٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ڊئم ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ هڪ لک هڪ هزار  ۽ نيڪال 95 هزار 500 ڪيوسڪ آهي.

نوشهره وٽ ڪابل درياءَ ۾ پاڻي وهڪرو 45 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ملڪي دريائن ۽ ڊئمز ۾ پاڻي جو بحران سنگين  ٿي ويو آهي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول تائين پهچي وئي آهي. ارسا جو چوڻ آهي ته  تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي پهچي ويو آهي ۽ پاڻي جو ذخيرو به ختم ٿي چڪو آهي. ارسا موجب، تربيلا ڊيم 13 سئو 86 فٽ واري ڊيڊ ليول جي سطح تي پهچي ويو آهي، ارسا موجب، تربيلا ڊيم مان پاڻي جو ڇوڙ هڪ لک 23 هزار ڪيوسڪ آهي، پاڻي جي آمد هڪ لک 15 هزار ڪيوسڪ آهي. ارسا موجب، تربيلا جو انتهائي ليول 15 سئو 50 فٽ آهي، جڏهن ته چشما وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 87 هزار 9 سئو ڪيوسڪ آهي . ارسا موجب، چشما وٽ پاڻي جو ذخيرو هڪ لک 81 هزار ايڪڙ فٽ آهي،  چشما جهيل ۾ پاڻي جي سطح 644 فٽ آهي. ارسا جو چوڻ آهي ته منگلا ۾ 8 لک 59 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي جو ذخيرو موجود آهي،  ڊيم جي ڊيڊ ليول 10 هزار 50 فٽ آهي. ارسا موجب، منگلا ڊيم جي پاڻي سطح 11 سئو 22 فوٽ آهي، جڏهن ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 12 سئو 42 فٽ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *