Thursday , March 28 2024

”پاڪستان ۾ ڪوبه وزيراعظم ايترو چور نه هو جيترو عمران خان آهي“: بلاول ڀٽو زرداري

بينظير ڀٽو جڏهن ملڪ اچڻ جو اعلان ڪيو ته تڏهوڪي حڪومت ۽ آمرن کيس چيو ته دهشتگرد مٿس حملو ڪري شهيد ڪرڻ چاهين ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

هوءَ پنهنجو پاڪستان اچڻ وارو پروگرام ملتوي ڪري پر هن ملڪ، قوم ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجو فيصلو تبديل نه ڪيو: پ پ چيئرمين

ڪراچي (چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) ”پاڪستان ۾ ايترو ڪو به وزيراعظم چور ناهي رهيو جيترو عمران خان آهي، مها چور آهي، وزيراعظم جنهن به ڪم ۾ هٿ وڌو اتي تبديلي نه پر تباهي آئي، ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي هوندي“، اهو چوڻ هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زداري جو، آچر ڏينهن ڪارساز جي شهيدن جي ياد ۾ ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار ڀرسان باغ جناح ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته بينظير ڀٽو جڏهن ملڪ اچڻ جو اعلان ڪيو ته تڏهوڪي حڪومت ۽ آمرن کيس چيو ته دهشتگرد مٿس حملو ڪري شهيد ڪرڻ چاهين ٿا، هوءَ پنهنجو پاڪستان اچڻ وارو پروگرام ملتوي ڪري پر هن ملڪ، قوم ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجو فيصلو تبديل نه ڪيو، دهشتگردن ڪارساز وٽ حملو ڪيو ۽ پوڻان ٻه سئو جيالن کي شهيد ڪيو ويو، سون جي تعداد ۾ زخمي ٿيا، بلاول چيو ته ٻئي ڏينهن بنا پروٽروڪول جي شهيد بينظير ڀٽو حملي ۾ زخمي ٿيل جيالن جي عيادت لاءِ پهچي وئي.

جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته بينظير ڀٽو هڪ آمر سان وڙهڻ لاءِ پنهنجي زندگي جي پرواهه نه ڪندي پاڪستان آئي ته جيئن ملڪ کي آمريت مان ڇوٽڪارو ۽ عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏئي سگهجي پر کيس شهيد ڪيو ويو، پ پ جا جيالا بم ڌماڪن کان ناهن ڊڄندا، اسان ڪارساز سانحي جي شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا.

هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته جيتري مهانگائي ٿئي سمجهو ته وزيراعظم چور آهي، خانصاحب؛ هن وقت ايتري مهانگائي آهي جو ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن، عوام مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهي، ماضي جو ڪو به وزيراعظم ايترو چور نه هيو جيترو عمران خان آهي، هن چيو ته ندس چوڻ هو ته هن وقت بجلي، گئس، پيٽرول مهانگائي جي انتها تي آهن، نوڪرين ۽ گهرن جو واعدو ڪيو ويو پر عوام کان روزگار ۽ اجها کسيا ويا، اهو آهي خان صاحب جو نئون پاڪستان، اها تبديلي نه تباهي آهي، وزيراعظم جتي هٿ وڌو، اتي تبديلي نه تباهي آئي پر سڀ ڄاڻي ڇڏين ته پ پ جي حڪومت اچڻ واري آهي، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اڄ وري پ پ جي ضرورت آهي. ايندڙ حڪومت  جيالن جي هوندي، حڪومت ۾ اچڻ سان پهرين ڏينهن کان ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن وڌائينداسين، بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏئي بيروزگاري جو خاتمو آڻي شهيد بينظير ڀٽو جي رهيل مشن کي منزل تائين پهچائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جو ايندڙ يوم تاسيس خيبر پختونخوا ۾ ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *