Saturday , April 20 2024

”پاڪستان ۾ ڪرونا کان پريشان ناهيان“: وزيراعظم عمران خان

پاڪستان جون حالتون اولهه ملڪن کان مختلف آهن، ملڪ ۾ ڪرونا جي صورتحال تي ڳڻتي آهي

ڪرونا جي ڪري جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي: وزيراعظم

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) وزراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جون حالتون اولهه ملڪن کان مختلف آهن، مونکي پاڪستان ۾ ڪرونا مان ڊڄ نه پر لاڪ ڊائون جي ڪري بک ۽ بدحالي جو آهي ته غريبن جو ڇا ٿيندو. ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان قوم کي آگاهه ڪندي وزراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جون حالتون اولهه ملڪن کان مختلف آهن. هن چيو ته، مون کي هن وقت خطرو ڪورنا نه پر لاڪ ڊائون مان آهي، ته غريب طبقي جو ڇا ٿيندو؟ وزراعظم چيو ته، ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، ڪورونا جي ڪري جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي. هن چيو ته، عوام کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته دنيا ۾ ڪورنا جي ڪري ڪهڙيون حالتون آهن، اسان اندازو لڳايو هو ته 25 اپريل تائين 50 هزار مريض ٿي ويندا، پر حالتون تبديل آهن. هن چيو ته، اڄ جي جائزي کانپوءِ 25 اپريل تائين 12 کان 15 هزار هوندا، هلندڙ مهيني اسان کي ڪا به پريشاني نه ٿيندي. عمران خان چيو ته، اسان تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، الله چاهيو ته انهيءَ تعداد جيترا مريض ٿيا ته اسان جون اسپتالون صورتحال کي سنڀالي وٺنديون. هن چيو ته اسان مئي جي حوالي سان تياري ڪري ورتي آهي، عوام کي ڪورونا جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهه ڪندا رهنداسين. عمران خان چيو ته جائزي موجب، 15 ۽ 20 مئي تائين اسپتالن تي دٻاءُ وڌي ويندو، 18 مارچ کان هيل تائين 8 لک ماڻهن جي ايئرپورٽ تي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته، آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ غريب طبقو رجسٽرڊ ئي ناهي، انهي صورتحال ۾ به امداد ملي رهي آهي. عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو پورهيت رجسٽرڊ ناهن، انهن تائين مدد ڪئين پهچائي وڃي. وزيراعظم چيو ته، ماڻهن کي بيروزگاري ۽ بک بدحالي کان بچائڻ لاءِ اڏاوتي شعبي کي کوليو. عمران خان چيو ته، تعميراتي شعبي کي کولڻ جو فيصلو ان ڪري ڪيو، جو اسان پورهيتن جي گهرن تائين پهچي نه ٿا سگهون. هن چيو ته، جيڪڏهن بک سبب ماڻهو روڊن تي اچي ويندا ته پوءِ لاڪ ڊائون جو ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ وزيراعظم چيو ته، ووهان ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن کي ڏيهه واپس نه آڻڻ جو فيصلو درست هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *