Friday , March 29 2024

پاڪستان ۾ ڪرونا خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي؟؟

پاڪستان ۾ هن وقت تائيين ڪرونا متاثرن جو انگ 3 هزار 850 کان وڌي ويو آهي:ذريعن جي دعويٰ

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) “ پاڪستان ڪرونا وائرس جي انتهائي خطرناڪ صورتحال طرف وڌي رهيو آهي، هاڻي ان جي ذميواري ٻيو ڪنهن تي به نه حڪمرانن تي هوندي”، اهڙو اظهار صحت، سماجي ڀلائي ۽ منصوبابندي وارن شعبن جي ماهر سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي ڪيو آهي. سنڌ سميت پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي وبائي مرض بابت صحت ۽ منصوبابندي جي ماهر سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته (نالو نه لکڻ جي شرط تي) پاڪستان ۾ ڪرونا انتهائي خطرنقاڪ صورتحال طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، پر حڪمران خاص طور تي وفاقي حڪومت انتهائي خطرناڪ درجي جي لاپرواهي ڪئي، وفاقي  حڪومت ايران مان ايندڙ زائرين کي  تفتان ۾ اهڙي هنڌ رکيو جتي مڪمل طور تي صحت خاص طوور تي هن وبا جي روڪٿام وارن سمورن اصولن کي مڪمل طوور تي نظرانداز ڪيو ويو” هن چيو ته “ تفتان بارڊر کان ايران مانن پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙن جي سموري ذميواري وفاقي سرڪار ۽ ان جي لاڳاپيل ادارن تي هجي ٿي، جيڪي مڪمل طور تي لاپرواهه رهيا، انهن سمورن ادارن جي ذميوارن ۽ تفتان ۾ مقرر انهن اختيارين ذميوارن خلاف ڪا وگهي مرندڙ ماڻهن جي خون جو ڪيس به داخل ڪري سگهجي ٿو، پر اسان جي ملڪ ۾ “طاقتورن” خلاف ڪڏهن به ڪجهه ناهي ٿيندو، ڀوڳيندو رڳو عوام آهي”. هن ٻڌايو ته، “ پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس سڄي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، سندس گڏ ڪيل معلومات مطابق، 30 مارچ تائين پاڪستان ۾ 3 هزارن کان وڌيڪ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا مريض موجود هئا، جنهن جا انگ اکر صحت واري وفاقي وزارت ۽ ڪجهه لاڳاپيل ادارن جي اختيارين وٽ موجود آهن، اهو انگ پهرين اپريل \ اڄ تائين لڳ ڀڳ ٽي هزار 850 کان وڌي ويو آهي،ي سمورا انگ اکر وزيراعظم تائين به پهتا آهن پر هن اهو ئي اصل انگ اکر ظاهر ڪرڻ کان اختياررين کي روڪيو آهي ته ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿيندو، جيڪا ڳالهه انتهائي خطرناڪ آهي، هن چيو ته عوام لاڪ دائون ۾ احتياط نه ٿو ڪري پر جيڪڏهن مريضن جا اصل انگ اکر ظاهر ڪيا ويندا ته ماڻهو پاڻمرادو وس کان بچڻ وارا احتياطي اپاءَ اختيار ڪندا”.

(نوٽ: وفاقي ۽ صوبائي وزارتن ۽ کاتن جي اهم عهدن تي رهندڙ جنهن رٽائرڊ ڪاموري سنڌسماءَچار سان هي ڳالهيون ڪيون آهن ان گذارش جي باوجود هن پنهنجو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرڻ نه ڏنو ۽ نالو لکڻ کان به اهو چئي انڪار ڪيو ته، هُو اڳ ۾ ئي کوڙ عذاب ڀوڳي رهيو آهي، هاڻي وڌيڪ طاقت ناهي رهي. اسان هي معلومات عوام تائين پهچائڻ پنهنجو فرض سمجهون ٿا)

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *