Friday , March 29 2024

پاڪستان ۽ ڀارت بابت امريڪي انٽيليجينس جو انڪشاف

”ڀارت ۽ پاڪستان وڏي پئماني جي جنگ ۾ ڦاسجي سگهن ٿا جيڪو ڪا به ڌر نه ٿو چاهي، خاص طور تي هڪ اهڙي حملي جنهن کي ڀارتي حڪومت اهم قرار ڏئي ٿي، اهو حملو دهشتگردي جو به ٿي سگهي ٿو”

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) امريڪي انٽيليجينس رپورٽ  ۾ پاڪستان ۽ ڀارت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ۽ اڳڪٿيون ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ايندڙ ڪجهه سالن دوران جنگ طرف وڃي سگهن ٿا ۽ نه چاهڻ جي باوجود ان جنگ ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ٻئي ملڪ ڊگهي ويڙهه طرف به وڃي سگهن ٿا. اهڙي جائزي واري رپورٽ امريڪي حڪومت جي انٽيليجنس ڪونسل جي گلوبل ٽرينڊز  رپورٽ به شامل ڪيو ويو آهي جيڪا رپورٽ واشنگٽن مان جاري ڪئي وئي آهي، مختلف عالمي خابرون ادارن پاران امريڪي انٽيليجينس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ستين اپريل تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ويجهي مستقبل يا ان کان به ڪجهه عرصو اڃا پوءِ تائين نظر وڌي وئي آهي ۽ پيدا ٿيندڙ حالتن جو جائزو ورتو ويو آهي. رپورٽ ۾ پاليسي سازن کي ايندڙ 5 کان 20 سالن دوران دنيا جي طاقتور ملڪن جي حوالي سان اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن.

رپورٽ ۾ خبردار ڪندي چيو ويو آهي ته ”ڀارت ۽ پاڪستان وڏي پئماني جي جنگ ۾ ڦاسجي سگهن ٿا جيڪو ڪا به ڌر نه ٿو چاهي، خاص طور تي هڪ اهڙي حملي جنهن کي ڀارتي حڪومت اهم قرار ڏئي ٿي، اهو حملو دهشتگردي جو به ٿي سگهي ٿو”. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”ڪجهه عسڪريت پسند تنظيمن پاران  وٽن حملي جي صلاحيت هئڻ سبب، اهڙي حملي تي نئين دهلي پاران اسلام آباد خلاف جوابي ڪارروائي جو ارادو ۽ پاڪستان پاران پنهنجي دفاع جي عزم جو ورجاءُ انهن ڏينهن کانپوءِ ايندڙ پنجن سالن تائين قائم رهي سگهي ٿو يا اهو مدو وڌي به سگهي ٿو”. امريڪي انٽيليجينس جي رپورٽ مطابق ” ٻنهي حڪومت جا غلط اندازا ان تڪرار کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو به ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا، ان کي اهڙي سطح تي محدود رکيو ويو آهي؛ جنهن هر ڌر  (پاڪستان ۽ ڀارت) اهو سمجهي ٿي ته هُو ان کي منهن ڏئي ويندي ۽ ڪاميابي ماڻيندي، پر ٻنهي ڌرين کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان جا اثر ايندڙ ڪيترن ئي ورهين تائين قائم رهندا خاص طور تي معاشي ۽ معاشرتي طور وڏو نقصان ٿيندو“.

ان رپورٽ ۾ اها به نشاندهي ڪئي وئي آهي ته افغانستان ۾ امريڪي پاليسي ۽ پاڙيسري ملڪن جا ان تي اثر ڏکڻ ايشيا جي انتهائي غير يقيني واري  صورتحال ۾ نمايا آهن”. ايندڙ  ڪجهه وقت ۾ افغانستان ۾ آمريڪي قدمن ۽ پاليسين جو هن خطي خاص طور تي پاڪستان ۽ ڀارت تي تمام گهڻا اثر پوندا، جيڪي اڻٽر آهن.”

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ” اهو هڪ ڪڙو سچ ۽ نظر انداز نه ڪرڻ جهڙي حقيقت آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ سيڪيورٽي جو خال پيدا ٿئي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ طالبان ۽ ان جي افغان مخالفن وچ ۾ خانه جنگي، علائقائي دهشتگرد جا نينٽ ورڪس يا ملڪ /افغانستان کان ٻاهر جا دهشتگرد نيٽ ورڪ ۽ وڏا ڏوهاري گينگز هن علائقي(افغانستان) جو رخ ڪري سگهن ٿا”.

امريڪي انٽيليجنس رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڀارت ۽ چين به ان تڪرار طرف وڌي سگهن ٿا، جنهن جي خواهش ڪنهن به ملڪ جي حڪومت نه ٿي رکي، خاص طور تي جيڪڏهن تڪرار ملڪي سرحد جي ڪنهن اهم حصي تي فوجون تيزي سان تڪرار ۾ هڪٻئي کي چئلينج ڪنديون هجن.”

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *