Saturday , April 20 2024

پاڪستان ڪرونا وائرس جي نشاني تي، سنڌ ۾ صورتحال انتهائي خطرناڪ

ڪراچي( چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ تيزي سان ٻيهر پکڙيل ڪرونا وائرس جي وبا خطرناڪ حد تائين تيزي سان وڌڻ لڳي، هڪ ڏينهن ۾ 59 مريض موت جو کاڄ بڻجي ويا، ملڪ اندر 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 هزار 661 ماڻهو وبا ۾ وٺي ويا، سنڌ ۾ هڪ هزار 199 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن. ٻيهر  ملڪ ۾ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ تيزي سان اضافو،  24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 59 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، 2 هزار 661 نوان ڪيس رپورٽ، پاڪستان اندر ڪرونا جي مريضن جو مجموعي انگ 3 لک 74 هزار173ٿي ويو آهي، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار هڪ سئو 99 ماڻهو ڪرونا جي وبا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو مجموعي انگ هڪ لک 62 هزار 227 ٿي ويو آهي. اين سي او سي جي رپورٽ مطابق پنجاب ۾ چوويهه ڪلاڪن دوران22مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، 553 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد مجموعي انگ هڪ لک 14هزار 10 ٿي ويو آهي. ڪي پي ڪي ۾2مريض فوت ٿي ويا، 367ڄڻا وبا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد مريضن جو انگ 44 هزار 97 ٿي چڪو آهي.اين سي او سي جي رپورٽ مطابق بلوچستان ۾ به ڪرونا جي وبا تيزي سان پکڙجي رهي آهي، جتي وائرس ۾ مبتلا  وڌيڪ 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *