Friday , March 29 2024

پاڪستان پيپلز پارٽي (پارليامينٽيرينز) چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي (پارليامينٽيرينز) / پ پ پ (پ) 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن جي جاري ڪيل نتيجن کي رد ڪندي پارليامينٽ ۾ نه وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ عام چونڊن کان پوءِ بلاول هائوس ۾ پهريون ڀيرو پ پ پ (پ) جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ فرحت الله بابر، خورشيد شاهه ۽ ٻين سينئر پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، پ پ پ (پ) پاران سڄي ملڪ اندر چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين جون حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن جي نتيجن کي رد ڪندي چيو ته، عام چونڊن ۾ ڌان ڌليون ٿيون آهن، پر اسان جمهوري ماڻهو آهيون ۽ پارليامينٽ وارو مورچو نه ڇڏينداسين ۽ پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۾ ويهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  سنڌ ۾ اسان حڪومت ٺاهينداسين ۽ اسان جو هن ڀيري به وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ئي هوندو. هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ به چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون ڪيون ويون.هي آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون نه هيون. بلاول چيو ته  ٻين پارٽين کي به عام چونڊن تي خدشا آهن، انهن سان گڏجي جدوجهد ڪنداسين. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي ايف آئي اي پاران طلب ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته اهڙا ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهن، اسان تي ماضي ۾ به ڪيس قائم ڪيا ويا ۽ انهن کي منهن ڏنو ۽ هاڻ به منهن ڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *