Saturday , April 20 2024

پاڪستان جي گري لسٽ ۾ شامل ٿيڻ وارين ڳالهين ۾ سچائي ناهي: ايف اي ٽي ايف

پيرس (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ شامل ٿيڻ وارين خبرن کانپوءِ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس وضاحت جاري ڪندي اهڙي ڳالهه کي بيبنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايف اي ٽي ايف پاران جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته، تازو ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو هو. ايف اي ٽي ايف جي وضاحتي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ڍپاڪستان جي نظام ۾ اسٽريٽجڪ خاميون آهن. ته پاڪستاني نظام ۾ 10 خامين جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪا ٽاسڪ فورس جي معيار سان مطابقت نٿي رکي. ايف اي ٽي ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد خاميون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پيرس ۾ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان کي دهشتگردن جي مالي سهڪار ڪرڻ وارن ملڪن جي گري لسٽ ۾ شامل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هلندڙ سال فيبروري ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس پاڪستان کي تاديبي بندوبست ڪرڻ جي لاءِ 3 مهينن (جون تائين) جو وقت ڏنو هو. سفارتي ذريعن موجب پاڪستان 25 اپريل تي ٿيل ايف اي ٽي ايف اجلاس ۾ 27 صفحن تي ٻڌل اينٽي مني لانڊرنگ ۽ اينٽي ٽيرر فنانسگ بندوبستن تي رپورٽ پيش ڪئي هئي پر 22 مئي تي بنڪاڪ جي غير رسمي اجلاس ۾ ان رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏنو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *