Thursday , April 18 2024

پاڪستان جي نئين صدر جي چونڊ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته صدر ممنون حسين جي عهدي جو مدو 8 سيپٽمبر تي پورو ٿي رهيو آهي، نئين صدر جي چونڊ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي، 27 آگسٽ تي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، صدر ممنون حسين جي عهدي جو مدو 8 سيپٽمبر تي پورو ٿي رهيو آهي، نئين صدر جي چونڊ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب، 27 آگسٽ تي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن موجب، 29 آگسٽ تائين نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي، 30 آگسٽ تائين نامزدگي ڪاغذ واپس ورتا ويندا، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن اميدوارن جي آخري لسٽ جاري ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب 4 سيپٽمبر تي صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندي .

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *