Friday , March 29 2024

پاڪستان اسٽيل ملز هڪ کرب رپين جي قرضي بڻجي وئي، قرض لاهڻ لاءِ زمين وڪڻڻ جا سانباها

Pakistan-Steel 1

ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين فائدي ۾ ويندڙ عالمي معيار جي اداري پاڪستان اسٽيل ملز جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. هزارين مزدورن سان گڏ اڻسڌي طرح لکين ماڻهن جي روزگار جو وسيلو ۽ ملڪي معيشت شاهه رڳ جي حيثيت رکندڙ پاڪستان اسٽيل ملز هاڻي ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ اوڌر تي پئسا وٺي رهيو آهي. پاڪستان اسٽيل ملز بابت معلوم ٿيو آهي ته، اداري تي هڪ کرب رپيا قرض ڇڙهي ويو آهي، جيڪو قرض لاهڻ ملڪيتون وڪڻڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. هيل تائين نيشنل بئنڪ کان وتل قرض تي وياج واري رقم معاف ڪرڻ کان بئنڪ اختيارين ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ نجڪاري ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسٽيل ملز تي هڪ کرب رپيا قرض آهي، جڏهن ته نيشنل بئنڪ  کي قرض تي وياج ختم ڪرڻ لاءِ چيو پر بئنڪ انتظاميا انڪار ڪري ڇڏيو آهي. قرض جي ادائگي جو واحد حل اسٽيل ملز جي ايراضي جو وڪرو آهي، جڏهن ته ڪاميٽي رمضان شريف کان اڳ اسٽيل ملز جي ملازمن کي ٽن مهينن جون پگهارون ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. صنعت ۽ پيداوار بابت قومي اسيمبلي ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين اسد عمر جي صدارت ۾ وزارت صنعت جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري اسٽيل ملز تي بريفنگ ڏيندي ڪاميٽي کي ٻڌايو ته اسٽيل ملز هڪ کرب رپين جي قرضي آهي، ملز تي سوئي سدرن گئس ڪمپني جو 47 ارب ۽ نيشنل بئنڪ جو 52 ارب 50 ڪروڙ قرض آهي. قرضن جي ادائگي جو واحد حل اسٽيل ملز جي ايراضي کي وڪرو ڪرڻ آهي. هن چيو ته نيشنل بئنڪ انتظاميا سان قرضن تي وياج  ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهايو پر بئنڪ انتظاميا انڪار ڪري ڇڏيو، هن چيو ته 2009ع ۾ اسٽيل ملز کي 5 بيل آئوٽ پئڪيج ڏنا ويا، آخري بيل آئوٽ پئڪيج 2014ع ۾ 18 ارب 50 ڪروڙ جو ڏنو ويو، اسٽيل ملز جي ملازمن کي ڊسمبر 2016ع تائين پگهارون ڏنيون ويون آهن.

اقتصادي رابطا ڪاميٽي جنوري 2017ع جي پگهارن جي ادائگي جي به منظوري ڏني آهي، اسٽيل ملز جي چيف فنانشل آفيسر ڪاميٽي کي ٻڌايو ته اسٽيل ملز کي 40 سيڪڙو پيداوار جي سطح تي هلايو وڃي ته 9 ارب جو نقصان ٿيندو. هن چيو ته حڪومت گذريل ٻن سالن کان ملازمن جي پراويڊنٽ فنڊ ۽ گريجوئيٽي لاءِ ڪا به گرانٽ ناهي ڏني، جڏهن ته پگهارن جي مد ۾ به 20 لک گهٽ ڏنا پيا وڃن، جنهن کي ملز انتظاميا ٻين ذريعن کان پورو ڪري رهي آهي. اسٽيل ملز جي يونين عهديدارن ڪاميٽي کي ٻڌايو ته پگهارون نه ملڻ سبب 2 ملازم آپگهات ڪري چڪا آهن، 4 مهينن کانپوءِ هڪ مهيني جي پگهار جي ادائگي قبول ناهي. ڪاميٽي اسٽيل ملز جي سي اي او جي نه اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اسد عمر چيو ته مل نه پئي هلي ته سي اي او ڪراچي ۾ ڇا پيو ڪري، سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري  ٿيڻ گهرجن، ملز جي اختيارين چيو ته سي اي او کي اضافي چارج ڏني وئي هئي، اسٽيل ملز جا روزانو اٽڪل 5 هزار پورهيت اچن ٿا، جنهن ڪري فائدي بدران مالي بار ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنهن تي ڪاميٽي ضرورت موجب پورهيت آڻڻ جي سفارش ڪئي، جڏهن ته ڪاميٽيءَ اسٽيل ملز جي نجڪاري ۽ ملازمن جي فلاح بهبود بابت ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *