Friday , April 19 2024

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان نيٺ ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون

اسلام آباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ورلڊ ڪپ جي فاتح عمران خان نيٺ پاڪستان جي حڪمراني جو ڪپتان بڻجي ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن، گذريل وزيراعظم چونڊجڻ بعد عمران خان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. صدر ممنون حسين عمران خان کان حلف کڻايو.

وزيراعظ۾ عمران خان جي حلف برداري تقريب ۾ سابق نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ، جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ايئر چيف مارشل، مجاهد انور خان، پاڪ نيوي جي سربراهه، ظفر محمود عباسي، اڳوڻي وفاقي نگران ڪابينا جي ميمبرن. شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وزيراعظم جي گهر واري خاتون اول بشريٰ بيبي، عمران خان جو دوست ۽ اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو، اڳوڻو ڪرڪيٽر وسيم اڪرم، سعيد انور، رميز راجا، جاويد ميانداد سميت ورلڊ ڪپ 1992 جي فاتح پاڪستاني ٽيم جي سمورن رانديگرن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

قسم کڻڻ واري تقريب کانپوءِ وزيراعظم عمران خان کي پاڪ فوج پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم هائوس آمد تي عملي سان سندس تعارف ڪرايو ويو. ميڊيا رپورٽس مطابق، حلف برداري تقريب ۽ گارڊ آف آنر کانپوءِ عمران خان کي سندس سرڪاري رهائشگاهه به ڏيکاري وئي. ذريعن موجب وزيراعظم جنهن گهر جي چونڊ ڪئي آهي اهو ٻن بيڊ رومز، ڊرائنگ روم، ڊائننگ حال وسيع پارڪ سميت سمورين سهولتن سان سينگاريل آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق بنگلو نمبر هڪ ان کان وزيراعظم جي ملٽري سيڪريٽري جي رهائش گاهه هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *