Friday , March 29 2024

پارا چنار ۾ دهشتگردي،24انساني جانيون ضايع 90 کان وڌيڪ شهري زخمي..!!

 paracunar blast2

پاراچنار کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو ويو، امام بارگاهه تي بم حملي جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ 24 ٿي ويو ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پولٽيڪل انتظاميا موجب ڌماڪو پارا چنار جي وچ شهر ۾ واقع امام بارگاهه جي دروازي وٽ ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جڏهن ته شهيدن ۽ زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻـُڌو ويو. پوليٽيڪل انتظاميا موجب ڌماڪي کانپوءِ زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ سمورن طبي مرڪزن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. زخمين مان وڌيڪ 9 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جنهن بعد شهيدن جو انگ 24 ٿي ويو.

paracunar blast3

اسپتال انتظاميا جي اپيل تي ماڻهو رت جو عطيو جمع ڪرائي رهيا آهن جڏهن ته پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر به طبي امداد لاءِ پارا چنار پهچي ويا. واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز ۽ ليويز علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن به جاري آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪيدار مواد هڪ ڪار ۾ رکيو ويو هو جڏهن ته پوليٽيڪل انتظاميا ۽ سڪيورٽي فورسز طرفان ڌماڪي جي نوعيت جي تصديق نه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن آئي ايس پي آر موجب ڌماڪي ۾ زخمين جي طبي امداد لاءِ آرمي ايوي ڪيوشن يونٽ سان تعلق رکندڙ هيلي ڪاپٽر واقعي واري هنڌ موڪيلو ويو، زخمين مان 20 ڄڻن کي سي ايم ايڇ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جن مان 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي بعد زخمين کي اسپتال منتقل ڪري سمورن طبي مرڪزن تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪس، نرسن سميت لاڳاپيل اسٽاف کي طلب ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *