Friday , April 19 2024

پابندي مڙهيل تنظيم سان يڪجهتي،مفتي منيب اڄ هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مفتي منيب الرحمان پابندي مڙهيل تنظيم سان ٻڌي جي اظهار طور اڄ سومر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. دارالعلوم امجديه ڪراچي ۾ ٻين مذهبي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتي منيب الرحمان چيو ته پنجاب پوليس رنجيت سنگهه جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي، حڪومت لاهور ۾ معصوم ڪارڪنن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. مفتي منيب الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاهور واقعي خلاف اڄ سومر 19 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال ڪئي ويندي، ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروبار سميت سموريون سرگرميون بند رهنديون. حڪمرانن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته هڪ ڏينهن هنن جو اقتدار ئي ڪالعدم بڻجي ويندو، اسان حڪمرانن کي صلاح ڏني هئي ته ٽي ايل پي/ پابندي مڙهيل جي اڳواڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو وڃي ۽ ساڻن ڳالهيون ڪيون وڃن پر هنن ائين ڪرڻ بدران ظلم ڪيو آهي. دنيا مان ماڻهو فون ڪري رهيا آهن ۽ اڄ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن جي ٻاهران به احتجاج ڪيو ويندو،لاهور ۾ احتجاج دوران ڪيل ظلم جي خبرن نشر ڪرڻ تي به ميڊيا مٿان پابندي مڙهي وئي آهي. هن چيو ته گرفتار ڪيل سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ شيخ رشيد کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته هُو فرعونيت وارو لهجو ختم ڪري. ٻئي پاسي واپارين جي مختلف تنظيمن به مفتي منيب الرحمان جي هڙتال واري سڏ جي حمايت جو اعلان ڪندي اڄ ڪاروبار بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *